ڪراچي کي سينگارڻ جي لاءِ مڪاني نمائندن کي جن اختيارن جي گهرج آهي اسان اهي حاصل ڪري ئي ساھ پٽينداسين.وسيم اختر.
ڊي سي آر سي جي تحت ڊفينس ۾ تقريب کي خطاب.
ڪراچي: 2 جنوري 2016
ڪراچي جي نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي کي سينگارڻ جي لاءِ مڪاني نمائندن کي جن اختيارن جي گهرج آهي اسان اهي وٺي ڪري ئي ساھ پٽينداسين.انهن خيالن جو اظهار انهن ڊي سي آر سي جي تحت ڊفينس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبرَ ۽ ٻين کان علاوه اعلٰي آفيسرن جي وڏي تعداد موجود هئي. ان موقعي تي وسيم اختر مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ اسان تمام تر مشڪلاتن ۽ پريشانين جي باوجود ڀرپور ڪم ڪيو ۽ ڪراچي سميت حق پرست عوام هر ڀيري وانگر هن ڀيري به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ ڏنو ۽ حق پرست نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. انهن چيو ته اسان کي فنڊن جي پرواھ نه آهي، جيڪي به آهن اسان انهن ۾ ئي ڪم ڪري وٺنداسين پر مڪاني اميدوارن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي ڇو ته عوامي طاقت ته اسان وٽ ئي آهي.
*****