هزاره صوبي تحريڪ جي باني ۽ بزرگ سياستدان بابا حيدر زمان جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 2 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هزاره صوبي تحريڪ جي باني ۽ بزرگ سياستدان بابا حيدر زمان جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي بابا حيدر زمان جي مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته بابا حيدر زمان هزاره عوام جي مسئلن ڏانهن پوري پاڪستان جي توجه ڇڪرائي ۽ انهن جي حل جي لاءِ باقائده جدوجهد جو آغاز به ڪيو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم بابا حيدر زمان جي هزاره صوبي تحريڪ جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿي ۽ اميد ڪري ٿي ته اهي جلد صحتياب ٿي ڪري هزاره صوبي تحريڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
*****