آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي مختلف رياستن سان تعلق رکندڙ سول سوسائٽي جي نمائنده وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا سان ملاقات.
ڪراچي: 31 ڊسمبر 2015
آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي مختلف رياستن سان تعلق رکندڙ سول سوسائٽي جي وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد ۽ ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر به موجود هئا.وفد ملڪ جي گڏيل سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي. ان موقعي تي وفد وسيم اختر ۽ ارشد وهره کي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي لاءِ نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد به پيش ڪئي.
*****