حق پرستي جو قافلو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ روان آهي۽ پنهنجي منزل تي پهچي ڪري ئي دم وٺندو.وسيم اختر
ضلع اوڀر جي يوسي 13 جي دوري جي موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 28 ڊسمبر 2015
30 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر ضلع اوڀر جي يوسي 13 جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ معززن سان ملاقات ڪري انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي وسيم اختر چيو ته حق پرستي جو قافلو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ روان آهي ۽ اهو پنهنجي منزل تي پهچي ڪري ئي دم وٺندو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت آهي جيڪا تمام تر ظلمن ۽ ناانصافين جي باوجود عوام جي خدمت ڪندي رهندي. وسيم اختر رونتا، رائو ۽ صديقي برادري کي اپيل ڪئي ته اهي 30 ڊسمبر تي لغر تي ٽپو هڻن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏين. ان موقعي تي عوام حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيڻ جي خاطري به ڪرائي.