30 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي تحريڪي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
ٽنڊو الهيار ۾ خطاب.
ٽنڊوالهيار:25 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته 30 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي تحريڪي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن ٽنڊو الهيار زون ۾ اميدوارن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر اقبال مقدم، سنڌ تنظيمي ڪميٽي انچارج عمر قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. عبدالحسيب چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي جو فروغ اسان سمورن جو مشن ۽ مقصد آهي. انهن چيو ته حق پرستي جي تحريڪ ۾ سمورين قومن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شامل ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر اقبال مقدم خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ محنت ۽ جدوجهد جي ضررت آهي ۽ حق پرست مڪاني اميدوارن جي ڪاميابي جي لاءِ سمورا ذميوار ۽ ڪارڪن گڏجي ڪري جدوجهد ڪن ته سنڌ جي ٻين شهرن وانگر ٽنڊو الهيار ۾ به حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي يقيني آهي. ان موقعي تي عمر قريشي به خطاب ڪيو.
*****