مڪاني اليڪشن ۾ ضلع چترال کان چونڊيل حق پرست خاتون جنرل ڪائونسلر محترمه گلشان بي بي جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 23 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ ضلع چترال کان چونڊيل جنرل ڪائونسلر محترمه گلشان بي بي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.