نيدر لينڊ جي سفير JEALLETTE SEPPEN جو فرسٽ پوليٽيڪل سيڪريٽري NANNA STOLZ ۽ اعزازي قونصل جنرل طارق محمد خان سان گڏجي نائن زيرو جو دورو .
ڪراچي: 22 ڊسمبر 2015
نيدرلينڊ جي سفير JEALLETTE SEPPEN ، فرسٽ پوليٽيڪل سيڪريٽري NANNA STOLZ ۽ اعزازي قونصل جنرل طارق محمد خان سان گڏجي نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نسرين جليل ۽ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر ريحان هاشمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ خصوصن سنڌ ۽ ڪراچي جي سياسي صورتحال ، مڪاني اليڪشن ۽ ڪراچي آپريشن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي محترمه نسرين جليل ۽ ريحان هاشمي انهن جو نائن زيرو آمد تي ٿورو مڃيندي سنڌ جي ٻين شهرن سميت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ۽ ڪراچي ۾ امن و امان جي لاءِ جاري ٽارگيٽڊ آپريشنن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي موقف کان آگاھ ڪيو. نيدر لينڊ جي سفير قيام امن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪوششن کي ساراهيندي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي واضع اڪثريت سان ڪاميابي تي انهن کي مبارڪباد به پيش ڪئي.
*****