فيصل ڪنٽومينٽ بورڊ ڪراچي جي حق پرست نمائندن جي نائن زيرو تي شاهد پاشا ۽ وسيم اختر سان ملاقات.
ڪراچي: 21 ڊسمبر 2015
فيصل ڪنٽومينٽ بورڊ ڪراچي جي حق پرست مڪاني نمائندن جي وفد نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر سان ملاقات ڪئي. وفد وسيم اختر کي ڪراچي جي ميئرشپ جي لاءِ نامزدگي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي تي مبارڪباد به پيش ڪئي. وفد ۾ نائب چيئرمين ۽ ڪائونسلر َ شامل هئا. وفد فيصل ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مشڪلاتن کان به آگاھ ڪيو. ان موقعي تي شاهد پاشا ۽ وسيم اختر وفد جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ نائن زيرو تي انهن جي آمد جو شڪريو به ادا ڪيو.