Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٺٽي جي ويجهو ڪي بي فيڊر ڪينال ۾ وڏي پيماني تي مئل جانور ڦاٿل هجڻ تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ٺٽي جي ويجهو ڪي بي فيڊر ڪينال ۾ وڏي پيماني تي مئل جانور ڦاٿل هجڻ  تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 12/21/2015
ٺٽي جي ويجهو ڪي بي فيڊر ڪينال ۾ وڏي پيماني تي مئل جانور ڦاٿل هجڻ  تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 21 ڊسمبر 2015 
                  سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪي بي فيڊر ڪينال ۾ مئل جانور ڦاٿل هجڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڇو ته ڪي بي فيڊر ڪينال مان ئي ڪراچي جي شهرين کي پاڻي ملي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ مان اچي ٿو جنهن جي ڪري ڪراچي جي شهرين ۾ وڏي پيماني تي بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي . انهن چيو ته ايريگيشن، پبلڪ هيلٿ ۽ ضلعي مينجمينٽ جي نااهلي جي ڪري اهو پاڻي تمام گندو ٿي ويو آهي ڇو جو  ان ۾ مئل جانورن جو ڍير لڳي ويو آهي جنهن جي ڪري اهو پاڻي ڌپ هڻي ويو آهي ۽ پيئڻ جي قابل به نه رهيو آهي. انهن چيو ته پاڻي جي صفائي جي لاءِ ڪلورين ۽ ٻين دوائن جي مد ۾ ڪروڙين روپين جو بجيٽ اچي ٿو  پر خبر نه آهي ته اهو بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿو. انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها ان سلسلي ۾ فوري طور تي قدم کڻي.
***** 

5/17/2024 11:04:17 PM