ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي ميمبر عمران نور جي والد نور محمد جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 20 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي ميمبر عمران نور جي والد نور محمد جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.