Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سٺي پاڪستان جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان 12 نڪاتي ويزن.


سٺي پاڪستان جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان 12 نڪاتي ويزن.
 Posted on: 12/20/2015
سٺي پاڪستان جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان 12 نڪاتي ويزن.
لنڊن: 20 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي فوج کي هڪ قومي فوج بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن کي فوج ۾ برابر جي نمائندگي ڏني وڃي. انهن اهو مطالبو جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان جي لاءِ  پنهنجو ويزن پيش ڪيو ۽ ان حوالي سان 12 نڪتا به پيش ڪيا.
1 پاڪستان جي فوج کي هڪ قومي فوج بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن کي فوج ۾ برابر جي نمائندگي ڏني وڃي.
2 پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه، سرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو وڃي.
3 زمين جي ملڪيت جي حد مقرر ڪئي وڃي جيڪا وڌ کان وڌ 200 ايڪڙ ٿي سگهي ٿي، زميندارن کان Non Cultivated يعني ناقابل ڪاشت زمين وٺي ڪري هارين کي ڏني وڃي.
2
4 سڄي ملڪ ۾ مڪاني حڪومتون قائم ڪيون وڃن ۽ انهن کي مڪمل اختيار ڏنا 
وڃن.
5 مذهبي تعليم جي اجازت هجڻ گهرجي پر ٻين مذهبن، فرقن ۽ مسلڪن جي خلاف نفرت تي ٻڌل تعليم، درس ۽ تقريرن تي پابندي هجي.
6 ڪرپشن جي لاءِ زيرو ٽوليرنس هجي.
7 هر قومي ادارو پنهنجين آئيني حدن ۾ رهي ڪري ڪم ڪري ۽ ٻين ادارن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري.
8 ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پاڪ فوج ۽ ان جون ايجنسيون سول حڪومت جي ماتحت هجن.
9 خارجه سميت ٻيا معاملا فوج نه بلڪه چونڊيل حڪومت هلائي.
10 ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي گڊ گورننس جي لاءِ ملڪ ۾ وڌيڪ صوبن ۽ انتظامي يونٽن جو  قيام عمل ۾ آندو وڃي. اهڙي طرح سنڌ ۾ شهري علائقن تي ٻڌل صوبو به قائم ڪيو وڃي.
11 عوام جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي مفت سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
12 سڄي ملڪ مان ٻٺي تعليمي نظام جو خاتمو ٿئي ۽ هڪ جهڙو تعليمي نظام رائج ڪيو وڃي.

5/17/2024 11:56:43 PM