مڪاني اليڪشن ۾ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جو رابطا ڪميٽي کي خراج تحسين پيش.
لنڊن: 19 ڊسمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ ۽ بيمارين ۽ تمام تر پريشانين جي باوجود ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪرڻ تي رابطا ڪميتي جي ميمبرن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ جلسي جي شرڪاء کي هدايت ڪئي ته اهي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي سلوٽ پيش ڪن، جنهن تي جلسي جي سمورن شرڪاء پنهنجين سيٽن تان بيهي ڪري رابطا ڪميٽي کي سلوٽ پيش ڪيو.