خضدار ۾ ڪوچ ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 19 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خضدار ۾ بس ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين ان حادثي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****