ٻارن جي حفاظتي ٽڪن جي صوبائي پروگرام ۾ 5 مختلف بيمارين کان ٻارن کي بچائڻ وارين مختلف ويڪسينن جو اسٽاڪ ختم ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي: 18 ڊسمبر 2015
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست اسيمبلي ميمبرن سنڌ ۾ ٻارن جي حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ( اي پي آئي) ۾ ٻارن کي 5 مختلف بيمارين کان بچائڻ وارين پينٽا ويلنٽ ويڪسين، ٽي بي ۽ پوليو ويڪسينن جو اسٽاڪ ختم ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته صوبائي حفاظتي ٽڪن جي پروگرام جي اعلٰي حڪام جي عدم دلچسپي جي ڪري صوبي جي آئنده جي نسل جو مستقبل سخت خطرن ۾ وڪوڙيل آهي. پر صوبائي حڪومت جي طرفان ان اهم موضوع تي ڪائي به توجه نه پئي ڏني وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي سنڌ ۾ ٻارن جي حفاظتي ٽڪن جي پروگرام ۾ ٻارن جي 5 بيمارين جي ويڪسينن جو اسٽاڪ ختم ٿيڻ جو سنجيدگي سان نوٽس ورتو وڃي .
*****