ڪمال احمد رضوي جي وفات فنون لطيفه جو هڪ وڏو نقصان آهي. نديم نصرت
لنڊن: 17 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان جي ممتاز فنڪار، ڊرامه نگار ۽ صداڪار ڪمال احمد رضوي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته ڪمال احمد رضوي ملڪ جا هڪ سينيئر فنڪار، ڊرامه نگار ۽ صدا ڪار هئا. جن ڪيترن ئي سالن تائين ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. نديم نصرت چيو ته ڪمال احمد رضوي جي وفات فنون لطيفه جو هڪ وڏو نقصان آهي ۽ اڄ پاڪستان هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي ويو آهي. انهن چيو ته ڪمال احمد رضوي کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. انهن ڪمال احمد رضوي کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي ڪمال احمد رضوي مرحوم جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.