آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيد ٻارن ۽ استادن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون.
ڪراچي: 16 ڊسمبر 2015
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيد ٻارن ۽ استادن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي تحت لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرَ سيد امين الحق، عبدالحسيب، عادل خان، اسلم آفريدي، زاهد منصوري، ڪمال ملڪ، گلفراز خان خٽڪ، ڪنور نويد جميل، عبدالقادر خانزاده، ارشد حسن، عارف خان، مطيع الرحمٰن، محترمه زرين مجيد، محترمه ريحانه نسرين، سي اي سي ميمبر، حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪن وڏي تعداد ۾ موجود هئا. ان موقعي تي انهن ميڻ بتيون روشن ڪيون ۽ معصوم شهيدن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو.