اي پي ايس پشاور سانحي جي شهيدن جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد جي پشاور ۾ شهيدن جي پونئرن سان ملاقات.
پشاور: 16 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي وفد اي پي ايس پشاور سانحي جي شهيدن جي پهرين ورسي جي موقعي تي متاثره اسڪول جو دورو ڪيو ۽ شهيد ٻارن جي والدين ۽ ٻين پونئرن سان ملاقات ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان يڪجهتي ۽ دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ حق پرست اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم، ڊاڪٽر فوزه حميد ۽ سنجي پرواڻي سميت پشاور زون جا ذميوار به شامل هئا. وفد جي ميمبرن شهيدن جي پونئرن کي مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي موقف کان آگاھ ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي گل به چڙهايا. ان موقعي تي وفد شهيدن جي بلند درجات، پونئرن جي لاءِ صبر جميل، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ، ملڪ ۾ دهشت گردي جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ دعائون به ڪيون.