ايم ڪيو ايم پنجابي سرائيڪي آرگنائزنگ ڪميٽي ڪراچي جي ميمبر شاهنواز ايڊووڪيٽ جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي: 14 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم پنجابي آرگنائزنگ ڪميٽي ڪراچي جي ميمبر شاهنواز جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****