پارا چنار عيد گاھ مارڪيٽ بم ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 13 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پارا چنار جي عيد گاھ مارڪيٽ ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين بم ڌماڪي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.