عزيز ڀٽي پارڪ جي ويجهو 84 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويا ۽ پاڻي بيهڻ جي ڪري سخت ٽريفڪ جام ٿي ويو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن ٽريفڪ جام کي ڪنٽرول ڪيو.
ڪراچي: 12 ڊسمبر 2015
ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي عزيز ڀٽي پارڪ جي ويجهو ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ واري 84 انچ قطر جي پائيپ لائين ڦاٽڻ جي ڪري گلشن اقبال جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ گهٽيون ۽ روڊ رستا تلائن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. جنهن جي ڪري يونيورسٽي روڊ تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي ويو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي، سيد علي رضا عابدي ۽ ارتضٰي فاروقي جناب الطاف حسين جي هدايت تي ٽريفڪ جام کي ڪنٽرول ڪيو ۽ عوام جي رهنمائي ڪئي. ان کان پوءِ انهن ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين فريد سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏجي ڪري متاثره علائقي جو دورو ڪيو. انهن مصباح الدين کي هدايت ڪئي ته اهي متاثره پائيپ لائين جي فوري طور تي مرمت ڪرائين ته جيئن عوام جي پريشاني دور ٿي سگهي. ان موقعي تي عوام ٽريفڪ جام کي ڪنٽرول ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق ۾ دعائون ڪيون ۽ انهن جي حق ۾ نعرا به هنيا.
*****