پاڪستان انٽرنيشنل ائير لائين جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ميمبر رضوان بابر سان ملاقات.
ڪراچي: 10 ڊسمبر 2015
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ميمبر رضوان بابر سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پي آئي اي جي نجڪاري جي سلسلي ۾ ملازمن ۾ پائي ويندڙ بي چيني کان آگاھ ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر ارشد وهره ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي رضوان بابر وفد جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم پي آئي اي ملازمن جي مسئلن جي حل جي لاءِ انهن سان گڏ آهي ۽ انهن کي ڪنهن به قيمت تي اڪيلو نه ڇڏيندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پي آئي اي جي آفيسرن ۽ ملازمن جي روزگار جي تحفظ ۽ پي آئي اي جي اصل صورت ۾ بحالي تائين انهن سان مڪمل تعاون جاري رکندي.
*****