ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڀيڻ محترمه سائره خاتون ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي والده سان گڏجي يادگار شهداء حق تي حاضري .
ڪراچي: 10 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا، رابطاڪميٽي جي ميمبرن امين الحق، عبدالحسيب، شبير احمد قائم خاني، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، عادل خان، زرين مجيد، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڀيڻ محترمه سائره خاتون ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي والده محترمه سان گڏجي ڪري يادگار شهداء حق تي حاضري ڏني. ان موقعي تي انهن يادگار شهداء حق تي گل چڙهايا ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****