Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هاڻي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم ۽ ڪمشنري نظام نه هلندو ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سمورا اختيار ڏيڻا پوندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


هاڻي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم ۽ ڪمشنري نظام نه هلندو ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سمورا اختيار ڏيڻا پوندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/10/2015
هاڻي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم ۽ ڪمشنري نظام نه هلندو ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سمورا اختيار ڏيڻا پوندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن مڪاني اختيار نه ڏنا ويا ته عوام سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏيندا.
هاڻي ملڪ ۾ چار صوبا نه هلندا بلڪه حڪومت جو سٺو نظام هلائڻ جي لاءِ 20 صوبا بڻائڻا پوندا.
يوم شهداء جي موقعي تي ڪراچي سميت سنڌ جي 32 هنڌن تي منعقد ڪيل اجتماعن کي هڪ ئي وقت خطاب.
لنڊن: 10 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ حڪومت کي مخاطب ڪندي واضع لفظن ۾ فرمايو ته هاڻي سنڌ ۾ 40/60  سيڪڙي جو ڪوٽا سسٽم ۽ ڪمشنري نظام نه هلندو ۽ هاڻي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سمورا اختيار ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن اهي مڪاني اختيار نه ڏنا ويا ته عوام سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن يوم شهداء جي موقعي تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي 32 هنڌن تي منعقد ڪيل اجتماعن کي هڪ ئي وقت خطاب ڪندي فرمايو. ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ تحريڪ جي شهيدن جي پونئرن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ ننڍي کنڊ تي انگريزن جي قبضي، هندستان جي آزادي ۾ هندن ۽ مسلمانن جي قربانين، هندو ۽ مسلمان اڳواڻڻ جي جدوجهد، مسلم ليگ جي قيام ۽ تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد جي تاريخ تي روشني به وڌي. تاريخي حوالا ڏيندي انهن فرمايو ته انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ حڪومت جو نظام هلائڻ جي لاءِ پوري ننڍي کنڊ ۾ جاگيردارن، زميندارن ۽ نوابن جون ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪري ڇڏيون ۽ انهن رياستن ۾ رهڻ وارا ماڻهو انهن جي رعايا هوندي هئي ۽ ان رعايا مان جيڪو به انهن جي خلاف آواز اٿاريندو هو ان کي ڦاهي ڏني ويندي هئي. انگريزن جو ظلم جڏهن حد کان وڌيو ته ننڍي کنڊ ۾ آزادي جي تحريڪن جنم ورتو، ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ ۾ وڏا وڏا هندو ۽ مسلمان اڳواڻ شامل هئا. جنهن ۾ گاندي، مولانا حسرت موهاني، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻيا وڏا وڏا اڪابر شامل هئا. آزادي جي تحريڪ هلائڻ وارن اڳواڻڻ کي گرفتار ڪري جيلن ۾ ڀريو ويندو هو ۽ انهن کان اتي وڏي محنت جو ڪم ورتو ويندو هو. انهن فرمايو ته هڪ طرف پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ٻئي جنگ عظيم جاري هئي ۽ ٻئي طرف ننڍي کنڊ جي آزادي جي تحريڪ زور پڪڙي رهي هئي. انگريزن سوچيو ته جيڪڏهن مسلمان ۽ هندو گڏ رهيا ته ڪٿي اهي آزادي کان پوءِ انگريزن تي ئي چڙهائي نه ڪري ڏين. ان جي ڪري انگريزن هندستان کي ورهائڻ جو منصوبو بڻايو. ان منصوبي جي تحت ڪانگريس ۾ اهي هندو ليڊر شامل ڪيا ويا  جيڪي طبيعتن ئي مسلمانن سان نفرت ۽ تعصب رکندا هئا. انهن تعصب پرست هندن اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون  جو قائد اعظم محمد علي جناح کي ڪانگريس ڇڏي ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻو پيو. انهن فرمايو ته نه ته قائد اعظم عليحدگي چاهيندا هئا ۽ نه  ئي علامه اقبال عليحدگي چاهيندا هئا.  بلڪه تاريخي حقيقت اها آهي ته 1930 ۾ علامه اقبال جيڪو  الھھ آباد جو خطبو پيش ڪيو. ان ۾ به اهو ئي تصور پيش ڪيو ويو هو ته هندستان جي اتر اولھھ صوبن ۾ جتي جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي اتي مسلمانن جون خودمختيار رياستون بڻايون وڃن. ان تي علامه اقبال جي هڪ شاگرد راغب ان کي الڳ وطن جي مطالبي سان تعبير ڪيو ته علامه اقبال ان تي ناراضگي جو اظهار به ڪيو هو. قائد اعظم به مسلمانن جو جائز حصو گهريو هو ۽ ان جي لاءِ انهن 14 نڪتا ۽ مختلف تجويزون به پيش ڪيون پر ڪجھھ هندو اڳواڻن جي تعصب واري رويي جي ڪري قائد اعظم کي الڳ وطن جو مطالبو ڪرڻو پيو. انهن فرمايو ته مسلمان اقليتي صوبن جي مسلمانن جي تمام گهڻين قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿيو. پر پاڪستان جي قيام کان فورن بعد اسٽيبلشمينٽ ۾ شامل اهي ماڻهو جن جي برين واشنگ انگريزن ڪئي هئي. انهن اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ پهرين باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح کي قتل ڪيو. پوءِ پاڪستان جي سچي سپاهي ۽ ملڪ جي پهرين وزير اعظم خان لياقت علي خان کي راولپنڊي ۾ قتل ڪيو ويو. انهن فرمايو ته  انڊيا ۾ اتان جي ليڊرشپ  آزادي جي فورن بعد سوچيو ته  جيستائين انگريزن جي قائم ڪيل ننڍين ننڍين رياستن ۽ راجواڙن کي ختم نه ڪيو ويندو ته ان وقت تائين عام هندستاني کي آزادي حاصل نه ٿيندي. ان جي ڪري انهن فوري طور تي انڊيا ۾ جاگيردارانه نظام ختم ڪري ڇڏيو. پر پاڪستان ۾ فرسوده جاگيرداراڻه نظام کي ختم نه ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته انڊيا ۾ اڄ هيٺين ذات جا هندو يعني دلت ۽ شودر به اسيمبلين ۾ پهچي رهيا آهن.  صوبن جا وزير اعلٰي بڻجي رهيا آهن. پر پاڪستان ۾ غريب مزدورن، ڪمند جو رس وڪڻڻ وارن، پان وڪڻڻ وارن ۽ ڪلارڪن جي پٽن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ وڏن وڏن جاگيردارن، وڏيرن، سردارن ۽ سرمائيدارن جي ڀر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جماعت ويهاريو آهي ته اها صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم آهي. ملڪ ۾ اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ جو عمل جيڪڏهن ڪنهن ڪيو آهي ته  اهو صرف الطاف حسين آهي. انهن سوال ڪيو ته ڇا اندرون سنڌ جو ڪوئي هاري، پنجاب ڪوئي هاري ۽ بلوچستان يا ڪي پي ڪي جو ڪوئي غريب پٽاڻ اسيمبلي جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو؟ انهن فرمايو ته جڏهن مان فرسوده جاگيرداراڻه نظام کي للڪاريندس ته ڇا سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا وڏيرا، جاگيردار ۽ سردار منهنجي باري ۾ سٺيون ڳالهيون ڪندا؟ انهن فرمايو ته منهنجو سڀني کان وڏو ڏوھ  اهو ئي آهي ته مان ان سسٽم کي چيلنج ڪيو آهي ۽ ڪرپٽ پوليٽيڪل سسٽم کي ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن فوج ايم ڪيو ايم جو جائز طريقي سان ساٿ ڏيئي ۽ ايمانداري سان اليڪشن ڪرائي ته مان پوري ملڪ کان چورن ۽ ڌاڙيلن جو صفايو ڪري ڇڏيندس. انهن فرمايو ته هاڻي غريب سنڌين، پنجابين، بلوچن، پختونن، هزاري والن، سرائيڪين، ڪشميرين، گلگتي بلتستانين ۽ سمورين قومن جي ماڻهن کي سوچڻو پوندو ته انهن کي جاگيردارن ۽ سردارن ڏي وڃڻو آهي  يا الطاف حسين ڏي اچڻو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سقراط فلسفو پيش ڪيو ته ان وقت جي حڪمرانن ان کي زهر جو پيالو پياري ڇڏيو. مان هڪ فلسفو پيش ڪيو ته مون تي غداري جا الزام هنيا ويا. اسٽيبلشمينٽ منهنجين تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي. الله سائين جو فرمان مبارڪ آهي ته هر انسان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. منهنجن ساٿين منهنجي فلسفي حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي جي تحت جدوجهد جاري رکي ته پاڪستان ۾ انقلاب اچي ويندو نه ته پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان لٽيندڙ جاگيردار ۽ وڏيرا ملڪ کي کائي ويندا. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته قومي خزاني کي لٽڻ وارن جون جائيدادون نيلام ڪري انهن کان لٽيل هڪ هڪ پائي وصول ڪئي ويندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن سانپاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪري ئي لڳاتار تعصب ڪيو پيو وڃي پر تعصب جو الزام به اسان تي ئي لڳايو پيو وڃي. اسان سنڌ جي شهري علائقن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪريون ته اسان جي کٽڻ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ان کي ڌاندلي جو نتيجو قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ جڏهن سنڌ ۾ گڏيل حڪومت بڻجي ٿي ته ان ڪوليشن ۾ اسان جي اڪثريت هجڻ جي باوجود به مهاجر وزير اعلٰي نه ٿو بڻايو وڃي. بلڪه گڏيل حڪومت ۾ اقليت رکڻ واري کي وزير اعلٰي بڻايو وڃي ٿو. انهن سوال ڪيو ته تعصب اسان ڪري رهيا آهيون. يا اسان سان تعصب ٿي رهيو آهي؟ سمورين سياسي ۽ مذهبي  جماعتن  جي مطالبي تي ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر ۽ اندر فوج مقرر ڪئي وئي. ان جي باوجود اسان مڪاني اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن فرمايو ته هاڻي ملڪ ۾ چار صوبا نه هلندا. بلڪه حڪومت جو بهتر انتظام هلائڻ جي لاءِ 20 صوبا بڻائڻا پوندا. انهن اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ حڪومت کي مخاطب ڪندي واضع لفظن ۾ چيو ته هاڻي سنڌ ۾ 40/60 جو ڪوٽا سسٽم ۽ ڪمشنري نظام نه هلندو. بلڪه هاڻي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سمورا مڪاني اختيار ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن اهي مڪاني اختيار نه ڏنا ويا ته عوام سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏيندا ۽ پنهنجن حقن جي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندا.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مان طالبان، القائده ۽ داعش جي خلاف آهيان. انهن فرمايو ته منهنجي تقرير تي ته پابندي لڳائي وئي آهي پر لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز  جيڪي طالبان ۽ داعش کي کلي عام سپورٽ ڪن ٿا، انهن کي ته گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته  مان فوج جي خلاف نه آهيان پر مان انهن جي خلاف آهيان جيڪي طالبان، القائده ۽ داعش جي حمايت ڪن ٿا. مان ان ڳالھھ تي يقين رکان ٿو ته پاڪستان تي ان جي سمورن شهرين جو برابر جو حق آهي. شيعن، سنين، ديوبندين، بريلوين، اهل حديث، بوهرين، اسماعيلن ۽ احمدين سڀني جو برابري جو حق آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ آباد سمورن هندن، سکن، عيسائين ۽ سمورن مذهبن ۽ عقيدن وارن جو به برابر جو حق آهي. اسان نه ته ڏنڍي ۽ بندوق جي زور تي پنهنجي شريعت ڦيلائڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي بندوق جي زور تي ڪنهن جي شريعت قبول ڪنداسين. جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ فرمايو ته مان اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀرپور انداز ۾ ڪامياب بڻائڻ تي ڪراچي ۾ رهندڙ سمورين قومن، برادرين، اسماعيلين، بوهرين ۽ ٻين سڀني کي جهڪي ڪري سلام پيش ڪريان ٿو ۽  انهن کي خراج تحسين به پيش ڪريان ٿو. انهن سمورن ڪارڪنن کي چيو ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ قائم سمورين مسجدن، امام بارگاهن، گرجا گهرن، ٽڪاڻڻ، گردوارن ۽ سمورن عقيدن جي مڃڻ وارن جي عبادتگاهن جو نه صرف احترام ڪن بلڪه انهن جي حفاظت به ڪن. انهن ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي تاڪيد ڪئي ته اهي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. بي ايماني نه ڪن. دوستي ۽ پسند ۽ ناپسند جي بجاءِ ميرٽ تي فيصلا ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته هن مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي شهيدن جي قربانين جي صدقي آهي، جيستائين منهنجي زندگي آهي ته مان پنهنجن شهيدن جي رت جو سودو ٿيڻ نه ڏيندس ۽ تحريڪ جا سمورا ڪارڪن ۽ چونڊيل اميدوار به پنهنجن شهيدن کي فراموش نه ڪن. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ انهن شهيدن جي لاءِ بخشش جي دعا به ڪئي ۽ انهن کي زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو. 
*****


7/18/2024 6:42:27 AM