Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا ڏيئي ڪري تحريڪ جي جهنڊي کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي سينيئر ڊپٽي ڪنوير عامر خان.


حق پرست شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا ڏيئي ڪري تحريڪ جي جهنڊي کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي سينيئر ڊپٽي ڪنوير عامر خان.
 Posted on: 12/9/2015
حق پرست شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا ڏيئي ڪري تحريڪ جي جهنڊي کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي سينيئر ڊپٽي ڪنوير عامر خان.
تحريڪ جي فڪر و فلسفي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪنداسين. سيد شاهد پاشا.
9 ڊسمبر يوم شهداء جي موقعي تي جناح گرائونڊ ۾ اجتماع کي خطاب.
ڪراچي: 9 ڊسمبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته 9 ڊسمبر جو ڏينهن اسان جي لاءِ ان عزم کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پنهنجن شهيدن جي رت جو پاس رکندي جدوجهد ۾ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪنداسين. جناب الطاف حسين کي الله تعالٰي اسان جي لاءِ نعمت بڻائي ڪري موڪليو آهي. جيڪي پنهنجن ڪارڪنن کي پنهنجن ٻارن کان به وڌيڪ سمجهن ٿا ۽ انهن جي لاءِ هر وقت فڪرمند رهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ يوم شهداء جي موقعي تي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي ، شعبن جا ميمبر ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا.عامر خان چيو ته 5 ڊسمبر جي ڪاميابي يا تحريڪ جو ڪوئي به عهدو اسان کي حق پرست شهيدن ۽ انهن جي پونئرن جي عظيم قربانين جي صدقي ئي نصيب ٿيو آهي. جيڪڏهن شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا پيش نه ڪيا هجن ها ته باطل قوتون اسان کي ختم ڪري ڇڏين ها. انهن چيو ته حق پرست شهيدن پنهنجين جانين جا نذرانا ڏيئي ڪري تحريڪ جي جهنڊي کي هميشه جي لاءِ بلند ڪري ڇڏيو آهي.،هاڻي اسان جو فرض آهي  ته اسان ان جهنڊي جو مان رکون. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي اسان کي اها تعليم آهي ته اسان کي محرومن ۽ مظلومن جي حقن جي جدوجهد کي تمام تر مشڪلاتن جي باوجود جاري رکڻو آهي، اسان به پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان جي ترقي جي جدوجهد ۾ سرگرم آهيون پر ان جي باوجود ظالم قوتون اسان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سازشون ڪري رهيون آهن. انهن حق پرست شهيدن جي پونئرن سان معذرت ڪندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪري ڪنهن کي ڪوئي به ڏک پهتو آهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏيو. انهن ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي معصوم ٻارن، انهن جي والدين ۽ انهن جي ٻارن جو خيال ڪري ڪارڪنن کي بازياب ڪرائين ۽ جيڪڏهن اهي شهيد ٿي ويا آهن  ته اهو به اسان کي ٻڌايو وڃي ته جيئن اسان کي صبر اچي وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو ته حق پرست شهيدن تحريڪ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪري ڇڏيا.پر انهن ڪنهن به باطل قوت جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ انهي جي ڪري اسان پنهنجن شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ 9 ڊسمبر تي يوم شهداء ملهايون ٿا. اهو ڏينهن اسان جي لاءِ ان عزم کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان به تحريڪ جي فڪر و فلسفي کي اڳتي وڌائڻ  جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪنداسين ۽ ان وقت تائين جدوجهد ڪندا رهنداسين جيستائين اسان کي حق نه ٿا ملي وڃن. انهن چيو ته اسان جي شهيدن جي قربانين جي صدقي ئي اسان کي 5 ڊسمبر تي تاريخي ڪاميابي ملي آهي جنهن تي اسان الله سائين جا شڪر گذار آهيون. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن محترمه زرين مجيد، شبير احمد قائم خاني، عارف خان ايڊووڪيٽ، ڪمال ملڪ ۽ گلفراز خان خٽڪ به خطاب ڪيو. 
*****

6/18/2024 3:21:37 PM