Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ پاڻ کي طاقتور سمجهڻ وارن کي الله سائين جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ پاڻ کي طاقتور سمجهڻ وارن کي الله سائين جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/9/2015
الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ پاڻ کي طاقتور سمجهڻ وارن کي الله سائين جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حيدرآباد ۾ زونل ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ.
حيدرآباد: 9 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ظلم جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿو ته پوءِ ميٽجي به وڃي ٿو. ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته حق کي مٽائڻ جون جيتريون به ڪوششون ڪيون وڃن  پر حق ميٽجي نه ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد ۾ زونل ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو.  جناب الطاف حسين فرمايو ته الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ جڏهن اها حرڪت ۾ اچي ٿي ته دنيا جا وڏا وڏا بت سيڪنڊن ۾ ڍير ٿي وڃن ٿا. انهن فرمايو ته  ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام تي ظلم جي انتها ڪئي وئي ۽ انهن کي پنهنجي ئي شهر ۾ اجنبي بڻايو ويو. پر سمورن ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود الله تعالٰي ايم ڪيو ايم کي تاريخي ڪاميابي ڏياري. انهن فرمايو ته عام ماڻهو جي مسئلن کي تعليم يافته ماڻهو ئي چڱي نموني سمجهي سگهي ٿو ۽ انهن کي حل ڪري سگهي ٿو. جنهن جي روشن مثال ايم ڪيو ايم آهي . انهن فرمايو ته هڪ سازش جي تحت مڪاني ادارن جا اختيار صوبائي حڪومت پاڻ وٽ رکيا آهن. پر جهڙي طرح عوام مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن کي شاندار ڪاميابي ڏياري آهي اهڙي طرح  اهي اختيار به واپس ڏيارڻ ۾ ساٿ ڏيندا. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سميت  سمورن حق پرستن جو دل جي گهرائي سان شڪريو  ادا ڪيو ۽ انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

7/18/2024 6:38:41 AM