Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فوج ايم ڪيو ايم جي باري ۾ غلط فهميون ختم ڪري ۽ اسان کي پنهنجي سيني سان لڳائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


فوج  ايم ڪيو ايم جي باري ۾ غلط فهميون ختم ڪري ۽ اسان کي پنهنجي سيني سان لڳائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/9/2015
فوج  ايم ڪيو ايم جي باري ۾ غلط فهميون ختم ڪري ۽ اسان کي پنهنجي سيني سان لڳائي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان فوج کي يقين ڏياريون ٿا ته فوج ڏانهن جيڪڏهن ڪوئي به هٿ وڌائيندو ته ان کي پهرين ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي منھھ ڏيڻو پوندو.
اسان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي يقين رکون ٿا ۽ سمورا مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا. 
مڪاني اليڪشن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ يوم تشڪر ملهائڻ جي موقعي تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي خطاب.
لنڊن: 9 ڊسمبر 2015 
               متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته فوج ايم ڪيو ايم جي باري ۾ غلط فهميون ختم ڪري، اسان کي پنهنجي سيني سان لڳائي، اسان فوج کي يقين ڏياريون ٿا ته فوج ڏانهن جيڪڏهن ڪوئي به هٿ وڌائيندو ته ان کي پهرين ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي منھھ ڏيڻو پوندو. اچو اسان ملڪ جي خاطر دوستي ڪريون، گڏجي ڪري ملڪ کي بچايون ۽ سنواريون. اسان جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسي تي يقين رکون ٿا ۽ سمورن مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ملهايل يوم تشڪر جي موقعي تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي، سي اي سي ۽ ٻين شعبن جا ميمبر به موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي سموري سياسي ۽ فوجي قيادت اي پي سي ڪوٺرائي واضع طور تي اهو چيو هو ته ملڪ ۾ انتها پسند دهشت گردن جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو. پر اهو آپريشن سڪڙجي ڪري ڪراچي تائين محدود ٿي ويو. انهن فرمايو ته اسان به چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ امن ۽ سڪون هجي، انهي جي ڪري اسان به ڪراچي ۾ آپريشن جي حمايت ڪئي هئي. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ امن و امان جي صورتحال خراب آهي ته ڇا لاهور جي صورتحال سٺي هئي؟ ڇا پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ امن و امان جي صورتحال سٺي هئي؟ ڇا اتي قتل، ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ  ۽ دهشت گردي جون وارداتون وڌيڪ نه هيون؟ انهن سوال ڪيو ته ڇا شهر جي ڪاروباري مرڪزن ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي ڀتي جون پرچيون ڏيڻ وارن ۽ شير شاھ مارڪيٽ ۾ دڪاندارن کي قتل ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويو؟ انهن فرمايو ته ان آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ گهڻائي هن وقت تائين لاپتا آهن. آپريشن ۽ تمام تر سازشن جي باوجود عوام اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪامياب بڻايو هو ۽ هاڻي مڪاني اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم کي اهڙي تاريخي ڪاميابي ڏياري آهي جيڪا ان کان اڳ ڏسڻ ۾ نه آئي هئي، انهن مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن اميدوارن کي زبردست مبارڪباد  پيش ڪندي سمورن اميدوارن ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن سيڪٽرن کي هدايت ڪئي ته اهي پوري ڪراچي ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ لڳايل ايم ڪيو ايم جا سمورا بينر، پينا فليڪس ۽ منهنجيون تصويرون لاهي ڇڏين.ان سان گڏو گڏ بلديه جو انتظار ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ ئي سڄي شهر ۾ ڀتين تي ٿيل چاڪنگ کي به صاف ڪري ڇڏين ته جيئن شهر صاف سٿرو نظر اچي. انهن ڪامياب ٿيندڙ ڪائونسلرن، يوسي چيئرمينن ۽ آئنده ڪامياب ٿيندڙ ضلعي چيئرمينن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي 
ميئر کي تاڪيد ڪندي فرمايو ته اوهان هاڻي صرف پنهنجن ووٽرن جا ئي نه بلڪه پنهنجن علائقن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جا به نمائندا آهيو. ان جي ڪري اوهان جو فرض آهي ته اوهان سڀني جي بغير ڪنهن زبان ۽ قوم جي فرق ڪرڻ کان سواءِ خدمت ڪريو. انهن جي ڏکن کي دور ڪريو. پنهنجي ڪاروبار ۾ اضافو ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي ڪاروبار ۾ اضافو ڪريو. عوام کي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪريو. لوڊشيڊنگ تي قابو پائڻ جي لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ جا ذريعا پيدا ڪريو. پاڻي جي بحران تي قابو پائڻ جي لاءِ سمنڊ جي پاڻي کي مٺو بڻائڻ جي لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳايو. پاڻي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ننڍا ننڍا ڊيم ۽ ريزروائر بڻايو. اسڪولن ۽ اسپتالن جي نظام کي بهتر بڻايو. سڄي شهر ۾ سيوريج جي نظام ۽ ڪچري کڻڻ جي نظام کي بهتر بڻايو. انهن فرمايو ته شهر جي ترقي جي لاءِ اهي سڀ ڪم انهي وقت ٿي سگهن ٿا. جڏهن شهر جي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن کي اخيتار حاصل هجن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن مڪاني ادارن کي عوام جي ترقي ۽ خدمت جي لاءِ اختيار نه ڏنا ويا ته اسان آئيني ۽ قانوني طور تي پرامن احتجاج ڪنداسين. جناب الطاف حسين سمورن چونڊيل اميدوارن کي تلقين ڪندي فرمايو ته اوهان وٽ ڪنهن به نوعيت جو ڪوئي به معاملو اچي ته ان جو فيصلو سفارش يا پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نه بلڪه ميرٽ جي بنياد تي ڪجو. انهن پاڪستان جي فوجي قيادت کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پاڪستان جي آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي. ان جي ڪري حڪومت جو بهتر انتظام هلائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا قائم ڪيا وڃن. انهن هڪ ڀيرو ٻيهر واضع لفظن ۾ چيو ته سنڌ ۾ شهري صوبو قائم ٿيو ته اهو صرف اردو ڳالهائڻ وارن جو صوبو نه هوندو. بلڪه هتي رهندڙ سمورن پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، هزاري وال ۽ ٻين سمورين قومن جو صوبو هوندو. انهن فرمايو ته مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي شهيدن جي قربانين جي صدقي ملي آهي. انهن سمورن چونڊيل اميدوارن، سمورن اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي چيو ته اهي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وسارين ۽ انهن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏين.انهن سمورن چونڊيل نمائندن کي چيو ته اهي پنهنجن علائقن ۾ جتي به وڃن ته منهنجي طرفان عوام جو شڪريو ضرور ادا  ڪن.
*****

7/18/2024 6:37:04 AM