مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر جي طور تي نفل ادا ڪيا ويا.
ڪراچي: 8 ڊسمبر 2015
مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر جي طور تي نفل ادا ڪيا ويا. ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جتي شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن، سي اي سي انچارج وسيم اختر، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن سميت حق پرست عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****