Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست شهيدن تحريڪي جدوجهد ۾ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي هميشه جي لاءِ روشني عطا ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


حق پرست شهيدن تحريڪي جدوجهد ۾ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي هميشه جي لاءِ روشني عطا ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/8/2015
حق پرست شهيدن تحريڪي جدوجهد ۾ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي هميشه جي لاءِ روشني عطا ڪئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حق پرستي جي تحريڪ جي سمورن شهيدن کي جناب الطاف حسين  زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو.
 9 ڊسمبر يوم شهداء جي موقعي تي خصوصي پيغام.
لنڊن: 8 ڊسمبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي حق پرست شهيدن تحريڪي جدوجهد ۾ پنهنجين قيمتي جانين جا هزارين نذرانا پيش ڪري تحريڪ کي هميشه لاءِ روشني عطا ڪئي آهي ۽ جيڪي تحريڪون يا قومون پنهنجن شهيدن جي قربانين جي قدر نه ٿيون ڪن ته اهي تحريڪون ۽ قومون وقت جي ڏاڍ جو شڪار ٿي ڪري ختم ٿي وڃن ٿيون. 9 ڊسمبر جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ جناب الطاف حسين حق پرست شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ بي گناھ ڪارڪنن  حق پرستي جي تحريڪ جي لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ جو هميشه وڏي بهادري سان مقابلو ته ڪيو پر باطل قوتن جي اڳيان انهن پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ تحريڪ جي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه جدوجهد کي تمام تر ظلمن  جي باوجود  انهي جي ڪري اڄ تائين ختم نه ڪيو ويو آهي جو ان جي حفاظت حق پرست شهيدن پنهنجي رت سان ڪئي آهي ۽ اڄ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ تاريخي ڪاميابي به حق پرست شهيدن جي ئي صدقي آهي. انهن فرمايو ته 9 ڊسمبر جي ڏينهن اهو عهد ڪيو وڃي ته اسان پنهنجن شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ شهيدن جي پونئرن جي سار سنڀال کان ڪڏهن به غافل نه ٿينداسين. جناب الطاف حسين حق پرست شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ خصوصي دعا ڪندي فرمايو ته حق پرست شهيدن جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون ۽ تحريڪي جدوجهد هڪ ڏينهن پنهنجي مشن و مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي.
*****

7/18/2024 6:29:40 AM