Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي سان ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ نئون باب کليو آهي. سيد حيدرعباس رضوي.


مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي سان ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ نئون باب کليو آهي. سيد حيدرعباس رضوي.
 Posted on: 12/8/2015
مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي سان ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ نئون باب کليو آهي. سيد حيدرعباس رضوي.
اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوءِ ميئرن ۽ چيئرمينن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۽ عدالتن جو دروازو کڙڪائينداسين.
سپريم ڪورٽ سوموٽو ايڪشن وٺي ڪري آرٽيڪل 140-A جي تحت مڪاني اميدوارن جا اختيار واپس انهن کي ڏياري.وسيم اختر.
لال قلعه گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 8 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ سيد حيدرعباس رضوي چيو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي سان ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو هڪ نئون باب کليو آهي. ميئرن ۽ چيئرمينن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۽ ڪورٽن جو دروازو کڙڪائينداسين. الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم تي ڀرپور اعتماد ڪرڻ وارين امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن جو دل سان شڪريو ادا ڪريون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. حيدرعباس رضوي چيو ته اسان الله تعالٰي جا شڪر گذار آهيون جنهن جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي تاريخي مينڊيٽ ڏنو آهي. جنهن تي اسان سڄي ملڪ ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا آهن.انهن چيو ته اسان سمورن پاڪستاني ڀائرن جو جن اسان کي ڪامياب ڪرايو آهي انهن جو به شڪريو ادا ڪريون ٿا.انهن چيو ته ڪراچي وارن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هن شهر جو ووٽ بينڪ جناب الطاف حسين جو آهي.انهن چيو ته اسان پنهنجي منشور ۾ واضع طور تي لکيو آهي ته ايم ڪيو ايم 2013 جي مڪاني نظام کي رڌ ڪري ٿي. ڇو ته هن نظام جي تحت سنڌ جي شهري علائقن جي چونڊيل نمائندن وٽ ڪوئي به اختيار نه آهي. جنهن جي اسان اسيمبلي ۾ به واضع طور تي مخالفت ڪئي هئي. پر حڪمران جماعت ۽ پي ٽي آئي جي گڏيل اڪثريت جي ڪري ايم ڪيو  ايم ان نظام کي رڌ ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي . انهن چيو ته اهو ڪاروقانون  بيوروڪريسي کي اختيار ڏيئي ٿو ۽ مڪاني نمائندن کي بي اختيار ڪري ٿو ۽ ان نظام جي نفاذ جو بنيادي مقصد به مڪاني ادارن تي صوبائي حڪومت جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن ته پاڪستان جي آئين جي شق 140 اي چوي ٿو ته صوبائي حڪومتون قانون سازي جي ذريعي پنهنجن صوبن ۾ مڪاني ادارن جي قيام کي نه صرف يقيني بڻائين بلڪه مالي، مڪاني ۽ سياسي اختيار به چونڊيل نمائندن کي ڏين. پر ان جي ابتڙ 2013 جو مڪاني نظام سنڌ ۾ نافذ ڪيو ويو.انهن چيو ته ڪراچي جي آبادي دنيا جي 130 ملڪن کان وڌيڪ آهي ۽ اهڙو بي اختيار نظام هتان جي عوام کي نامنظور آهي. ڇو ته اهي پنهنجي ميئر کي فقير بڻائين نه ٿا چاهين. انهن چيو ته اسان  ميئر کي بااختيار بڻائڻ  جي لاءِ سمورا قانوني ۽ آئيني رستا اختيار ڪنداسين.انهن چيو ته هاڻي ڪراچي جي لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ وارين سياسي جماعتن جوبه فرض آهي ته اهي ميئر کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏين. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم انشاء الله تعالٰي نواب شاھ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي کان پوءِ مڪاني ادارن ۾ پوئين تاريخن ۾ تقرريون، بدليون ۽ ٽينڊر منظور ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر تي مڪاني اليڪشن ٿيا آهن.اسان جي سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته اها سوموٽو ايڪشن وٺي ڪري آرٽيڪل 140 اي جي تحت مڪاني اليڪشن جي اميدوارن جا اختيار واپس ڏياري. آخر ۾ انهن  ايم ڪيو ايم کي مبارڪباد ۽ ساٿ ڏيڻ تي سياسي جماعتن، واپارين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻڻ سميت سمورن جو خصوصي طور تي شڪريو به ادا ڪيو. 
*****

7/18/2024 6:34:48 AM