Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 12/8/2015
لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 8 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي شاندار ڪاميابي کان پوءِ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ عام شهرين کي ڌمڪيون ڏيڻ ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن جي گهرن ۽ دڪانن تي ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا جي حق پرست عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان  ڪاميابي ڏياري آهي. جنهن جي ڏوھ ۾ ئي حقيقي جي دهشت گردن گذريل ٻن ڏينهن کان انهن علائقن جي رهڻ وارن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي لڳاتار ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن ۽ عورتن سان بدتميزي به ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو  ته حقيقي جا دهشت گرد پنهنجي ناڪامي تي تمام گهڻي پريشاني جو شڪار آهن. ان جي ڪري ئي اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي صدر پاڪستان ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ، وزير داخلا سنڌ ۽ ڊي جي رينجر کان مطالبو ڪيو ته اهي لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ عام شهرين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، انهن جي گهرن، دڪانن ۽ آفيسن تي حملن ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جو نوٽس وٺن ۽ انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. 
*****

7/18/2024 6:27:55 AM