اي اين پي بيگم نسيم ولي خان گروپ جي اڳواڻ لاله فضل ڪريم جي وفد سان گڏجي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
ڪراچي: 7 ڊسمبر 2015
اي اين پي بيگم نسيم ولي خان گروپ جي مرڪزي اڳواڻ لاله فضل ڪريم وفد سان گڏجي نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر حيدرعباس رضوي به موجود هئا. لاله فضل ڪريم ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته ڪراچي ايم ڪيو ايم جو شهر آهي ۽ ان شهر جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪاوشن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي لاله فضل ڪريم ۽ ٻين جو نائن زيرو آمد تي شڪريو به ادا ڪيو.
*****