چنيسر ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ وارن کي پيپلز پارٽي جي عنصرن جي طرفان تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 7 ڊسمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي چنيسر ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ وارن کي پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي طرفان قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اوڀر ضلع جي يونين ڪائونسل ۾ حق پرست اميدوار جي يقيني ڪاميابي ڏسي ڪري پي پي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جي هٿياربند دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي همدردن ۽ ووٽرن کي تشدد جو نشانو به بڻايو. ان ظلم جو سلسلو اليڪشن کان پوءِ به ختم نه ٿيو. بلڪه اڄ به پي پي جا هٿياربند غنڊا غنڊه گردي ڪندا پيا وتن ۽ ايم ڪيو ايم جي همدردن کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي ان واقعي جي سخت مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ڊي جي رينجر کان مطالبو ڪيو ته اهي پي پي جي عنصرن جي ان کليل دهشت گردي جو نوٽس وٺن ۽ ان ۾ ملوث غنڊن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ به فوري قدم کڻڻ.
*****