Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي فتح سمورن حق پرستن جي فتح آهي جنهن تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 12/7/2015
ايم ڪيو ايم جي فتح سمورن حق پرستن جي فتح آهي جنهن تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪاميابي جي خوشي ۾ ناظم آباد مان نڪرندڙ ريلي کي خطاب.
لنڊن: 7 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي فتح سمورن حق پرستن جي فتح آهي. جنهن تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪاميابي جي خوشي ۾ ناظم آباد کان نڪرندڙ ريلي کي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مخالف قوتون ايم ڪيو ايم کي هارائڻ ۽ دٻائڻ جي لاءِ طرح طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا. سمورا زهريلا پروفيگنڊا  استعمال ڪيا. پر سمورين سازشن جي باوجود الله تعالٰي ايم ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي ڏياري. جنهن تي اسان الله سائين جا بيحد شڪر گذار آهيون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم دشمن قوتن مون کي 25 سالن کان جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي. پر ان جي باوجود اهي منهنجن ڪارڪنن ۽ عوام جي دلين مان منهنجي محبت کي ڪڍي نه سگهيا. تمام تر ظلمن، ميڊيا ٽرائل ۽ منفي پروفيگنڊن جي باوجود مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم کي طاقت سان دٻائي نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عوام ايم ڪيو ايم کي ڀرپور مينڊيٽ ڏيئي ڪري سنڌ ۾ الڳ صوبي جي قيام جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جو صوبو هوندو. جتي انتظاميه ۽ پوليس به هتان جي ئي هوندي. اسان جو وزير اعلٰي شهري علائقن سان ناانصافي ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي مسئلن کي حل ڪندو ۽ عوام جي ڏينهن رات خدمت ڪندو. انهن ڪارڪنن کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي  مستقبل ۾ به اسان کي ڪاميابي عطا ڪري ۽ تحريڪ کي ان جي مشن و مقصد ۾ ڪامياب ڪري.آمين.


6/30/2024 3:20:02 PM