Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي شهيدن جي قربانين ۽ تحريڪ جي جانباز ۽ بهادر ڪارڪنن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 12/7/2015
مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي شهيدن جي قربانين ۽ تحريڪ جي جانباز ۽ بهادر ڪارڪنن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي لانڍي سيڪٽر ۽ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر آفيس تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ.
لنڊن: 7 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي شهيدن جي قربانين ۽ تحريڪ جي جانباز ۽ بهادر ڪارڪنن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم لانڍي سيڪٽر ۽ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي آفيسن تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. انهن لانڍي سيڪٽر آفيس تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته مان لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا جي ساٿين کي زبردست شاباش پيش ڪريان ٿو جو انهن سخت ڏکين حالتن جي باوجود به ڄمي ڪري تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ميدان نه ڇڏيو. ڪارڪنن جي قربانين رنگ لاٿو ۽ الله تعالٰي تحريڪ کي فتح سان همڪنار ڪيو. انهن  ڪارڪنن کي فرمايو ته اهي جنهن به علائقي ۾ وڃن ته اتي عوام کي منهنجو سلام ضرور چون. جناب الطاف حسين قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر آفيس تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي سيڪٽر جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي اليڪشن جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي هڪ هڪ ذميوار ۽ ڪارڪن کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي ڪارڪنن ۽ عوام وڏي رت ڏني آهي ۽ اهي لڳاتار شهادتون ڏيئي رهيا آهن. انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ تحريڪ پنهنجي مقصد جي حصول جي جدوجهد ۾ ضرور ڪاميابي حاصل ڪندي

6/16/2024 2:14:35 PM