Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

38 سالن کان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 12/7/2015
38 سالن کان ايم ڪيو  ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سنڌ ۽ پنجاب کان به اليڪشن ۾ ووٽ ملندا.
جناح گرائونڊ ۾ جشن فتح  جي جلسي کي خطاب.
لنڊن: 7 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 38 سالن کان ڪوڙن الزامن ۽ ظلمن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا. بلڪه ان جي طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سنڌ جي هڪ هڪ علائقي ۽ پنجاب کان به  اليڪشن جي ڏينهن بيلٽ باڪس کلندا ته انهن مان ايم ڪيو ايم جا ئي ووٽ نڪرندا. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ ۾ جشن فتح جي جلسي کي خطاب ڪندي فرمايو. ان موقعي تي سڄو جناح گرائونڊ عوام سان ڀريل هو ۽ آس پاس جون گهٽيون ۽ روڊ رستا به عوام سان ڀريل هئا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جو آغاز قرآن پاڪ جي سوره ڪوثر سان ڪيو  ۽ عوام کي ڪاميابي تي مبارڪباد به پيش ڪئي. انهن پولنگ اسٽيشنن تي خدمتون انجام ڏيڻ تي بزرگن ۽ عورتن کي شاباش پيش ڪئي ۽ خصوصي طور تي عورتن کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مڪاني اليڪشن ۾ عورتن وڏي همت ۽ جرت سان ڪم ڪيو ۽ انهن جو ريڪارڊ اين اي 246 جي ننڍي چونڊ کان به بهتر هو. جناب الطاف حسين ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي فرمايو ته اوهان پنهنجن گهر وارن جي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجن پنهنجن علائقن جي عوام جي خدمت ڪجو، حالتون ڀلي ڪيتريون ئي سخت ڇو نه هجن پر اوهان پنهنجن علائقن ۾ پاڻي ۽ سيوريج جي نظام کي بهتر ڪجو، اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪجو ۽ عوام جي بهتر کان بهتر خدمت ڪجو ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪوئي مقدمو اچي ته ان جو فيصلو پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي نه بلڪه انصاف جي بنياد تي ڪجو. انهن فرمايو ته گذريل ڏينهن خبرون آيون ته حڪومت شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل تي الطاف حسين، محمد انور ۽ افتخار حسين تي مقدمو قائم ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته اهو مقدمو حڪومت نه بلڪه رياست قائم ڪيو آهي. جناب الطاف حسين سوال ڪيو ته پهرين چوڌري نثار عوام کي اهو ٻڌائين ته حڪومت ۽ رياست ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ انهن فرمايو ته رياست کي ڪائي نه ڪائي حڪومت ئي هلائي ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومت ۽ رياست الڳ الڳ آهن ۽ مقدمو ڪنهن ٻئي بڻايو آهي ته اوهان وضاحت ڇو نه ڪري رهيا آهيو؟ اوهان جي مٿان ته ٽوپي چوري جو مقدمو نه بڻيو. انهن جناح گرائونڊ ۾ موجود عوام کا سوال ڪيو ته ڇا اهڙا ڪوڙا مقدما ۽ الزام ٻڌي ڪري اوهان پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين کان بددل ٿي ويندو؟ ته عوام واضع لفظن ۾ چيو ته هرگز به نه. انهن فرمايو ته چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته ان مقدمي جي باري ۾ وزير اعظم کي به خبر نه آهي. انهن فرمايو ته ائين لڳي ٿو ته وزير اعظم جو رخ ڪنهن ٻئي طرف ۽ اوهان جو رخ ڪنهن ٻئي طرف آهي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن مقدمو حڪومت نه بلڪه رياست بڻايو آهي ۽ حڪومت غلط ڪم وارن کي روڪي نه ٿي سگهي ته اوهان حڪومت کي ڇڏي ڏيو ۽ حڪومت به رياست کي ئي ڪرڻ ڏيو. انهن فرمايو ته هڪ مقدمو انسان بڻائي ٿو  ۽ هڪ مقدمو اهو آهي جيڪو الله سائين بڻائي ٿو. انهن فرمايو ته جنهن پٽ ۽ ڀاءُ کي بهادر امڙين ۽ ڀينرن جو پيار ۽ دعائون حاصل هجن ان کي ڪوئي به ڪوڙو مقدمو نقصان پهچائي نه ٿو سگهي. انهن فرمايو ته 38 سالن کان  ڪوڙن الزامن ۽ ظلمن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا. بلڪه ان جي طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سنڌ جي هڪ هڪ علائقي ۽ پنجاب کان به اليڪشن جي وقت جڏهن دٻا کلندا  ته انهن مان به ايم ڪيو ايم جا ئي ووٽ نڪرندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي صرف اردو ڳالهائڻ وارن ئي نه بلڪه ميمڻن، مارواڙين، ڪاٺياواڙين، پنجابين، پختونن، هزاري والن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، ڪشميرين، گلگتي بلتستانين، آغاخانين، اسماعيلين، بوهرين ۽ سمورن فقهن ۽ مسلڪن جي مڃڻ وارن ووٽ ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم سڀني جي نمائنده جماعت آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان سڀ گڏ آهن. جناب الطاف حسين اليڪشن مهم جي دوران ڏينهن رات سخت محنت سان ڪم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن، سي اي سي ، سمورن سيڪٽرن، يونٽن ۽ سمورن شعبن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن تمام اوورسيز جي يونٽن جي ڪارڪنن کي به اليڪشن جي سلسلي ۾ دعائون ۽ ڪوششون ڪرڻ تي شاباش پيش ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت منهنجي تقرير تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي پر ايم ڪيو ايم جي ويب ٽيم ويب تي خطابن جي سڌي سڌي ڪوريج جو انتظام ڪري ورتو آهي. جنهن تي ويب ٽي وي جو هڪ هڪ ڪارڪن خراج تحسين جو مستحق آهي

6/30/2024 3:18:30 PM