ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي عباسي شهيد اسپتال ۾ مڪاني اليڪشن جي موقعي تي لانڍي ۾ حقيقي دهشت گردن جي هٿان زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي عيادت ڪئي.
ڪراچي: 6 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي عباسي شهيد اسپتال ۾ مڪاني اليڪشن جي موقعي تي لانڍي ۾ حقيقي دهشت گردن جي هٿان سخت زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو انچارج فاروق جميل به موجود هو. ڪهف الورٰي زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي حوصلن جي تمام گهڻي ساراھ ڪئي ۽ اسپتال جي اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته اهي انهن جي علاج معالجي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن. ان موقعي تي ڪهف الورٰي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****