مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرائڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪيو.
لنڊن: 6 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرائڻ تي حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مڪاني اليڪشن کان اڳ مخالف سياسي ۽ مذهبي جماعتن اتحاد ڪري روايتي طور تي پنهنجي کٽڻ جا وڏا وڏا دعوٰي ڪيا هئا پر حق پرست عوام انهن جي سمورن دعوٰئن کي بري طرح سان رڌ ڪري ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي تاريخي فتح سان ثابت ٿي ويو آهي ايم ڪيو ايم جي مقبوليت تمام گهڻي وڌي چڪي آهي ۽ حق پرستي جي تحريڪ کي تمام تر سازشن، ظلمن ۽ ڏاڍ جي باوجود نه ته ڪالھھ ختم ڪيو ويو ۽ نه انشاء الله تعالٰي آئنده ختم ڪري سگهجي ٿو.
*****