Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ حڪمران وڏائي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ حڪمران وڏائي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/6/2015
اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ حڪمران وڏائي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مان پاڪستان کي لبرل ۽ پروگريسو ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ مان طالبان، القائده، داعش، لشڪر جنهگوي ۽ مذهبي انتها پسندن جو پاڪستان ڏسڻ نه ٿو چاهيان.
جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا مالڪ ملڪ سان سچا آهن ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز جي ڳڻتي ڪن. 
مڪاني اليڪشن ۾ ايم  ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جي خوشي ۾ جناح گرائونڊ ۾ هڪ عظيم الشان جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 6 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسين ۽ پنجاب جي بااثر حڪمرانن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته ظلم ۽ تشدد سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي.اختيار ۽ اقتدار رکندڙ ڌرين ايم ڪيو ايم جهڙي محب وطن جماعت کي سمجهڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي آهي. مان انهن سڀني کي چوان ٿو ته اهي 
تڪبر ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن، ايم ڪيو ايم ۽ ان جي چاهڻ وارن کي ملڪ دشمن نه بلڪه ملڪ جو سڄڻ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا مالڪ ملڪ سان سچا آهن ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ پهرين لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز جي ڳڻتي ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جي خوشي ۾ جناح گرائونڊ ۾ هڪ عظيم الشان جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ عوام جي اٿليل سمنڊ جي ڪري جناح گرائونڊ ۾ پير رکڻ جي به جڳھھ نه هئي ۽ جناح گرائونڊ جي چوڌاري ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ماڻهن جو سمنڊ اٿليل هو. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته موجوده حڪومت ۽ عدالت منهنجي تقرير نشر ڪرڻ ۽ تصوير ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اهو عمل پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف الطاف حسين سان ڪيو ويو آهي. مون تي اها پابندي ان جي ڪري لڳائي وئي آهي ته جيئن پاڪستان جا مظلوم عوام منهنجو حق پرستانه پيغام ۽ فڪر و فلسفو نه ٻڌي سگهن. فرسوده جاگيرداراڻه نظام، وڏيراڻه نظام ۽ ڪرپٽ سياسي ڪلچر جي خلاف متحد نه ٿي سگهن. پر ايترين پابندين جي باوجود به  الله تعالٰي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي تاريخي فتح ڏياري آهي. جناب الطاف حسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ، هٿيار بند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسين ۽ پنجاب جي بااثر حڪمرانن  کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان کي سمجهي وٺڻ گهرجي ته ظلم ۽ تشدد سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. پر ايم ڪيو ايم جي خاتمي جي خناس جي ڪري خدانخواسته ڪٿي پاڪستان کي نقصان نه پهچي وڃي. انهن فرمايو  ته مون کي خبر آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڏاڍي طاقتور آهي، پر سڀني کان وڏي طاقت الله تعالٰي جي آهي ۽ انساني تاريخ ۾ زميني خدا بڻجڻ وارن وڏن وڏن فرعونن، نمرودن، هامانن ۽ شدادن جون جنتون ۽ سلطنون اڄ قائم نه آهن. اختيار ۽ اقتدار رکندڙ ڌرين ايم ڪيو ايم جهڙي محب وطن جماعت کي سمجهڻ ۾ وڏي غلطي ڪئي آهي. مان انهن سڀني کي چوان ٿو ته اهي تڪبر ڇڏي ڏين ۽ ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن. ايم ڪيو ايم ۽ ان جي چاهڻ وارن کي ملڪ دشمن نه بلڪه ملڪ جو سڄڻ سمجهيو وڃي. جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيد اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي مقدمي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته اڄ وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ۽ انهن جي وفاقي وزير داخلا  چوڌري نثار نه صرف پاڪستان ۾ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جو مقدمو درج ڪيو آهي پر ان مقدمي ۾ مون کي، منهنجي سوٽ افتخار حسين ۽ محمد انور کي نامزد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته ان قسم جي هٿڪنڊن سان مان ڊڄي ويندس. ته انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اهي الطاف حسين جي جان ته وٺي سگهن ٿا پر ان کي ڊيڄاري نه ٿا سگهن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زور ڏنو ته مون کي خبر نه آهي ته اڄ کان پوءِ مون سان ڇا ٿئي پر مان اوهان کي جنهن فڪر و فسلفي جو درس ڏنو آهي ان تي قائم رهندي سڄي ملڪ جي مظلوم ۽ محروم عوام سان گڏجي ڪري حقن جي جدوجهد ڪندا رهجو ۽ جيڪڏهن مهاجر جي بنياد تي ڪوئي اوهان کي تباھ ڪرڻ جو عمل ڪري ته ڪجھھ وقت تائين ته صبر ڪجو ۽ برداشت ڪجو ۽ پوءِ جڏهن صبر جي انتها ٿي وڃي ته پوءِ عزت جي زندگي جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪجو. انهن فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا اسان تي وڏو ظلم ڪري رهيا آهن. اهي ايم ڪيو ايم جي بيگناھ ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري رهيا آهن ۽ حقيقي دهشت گردن کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪري سڄي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي قبضا به ڪرائڻ چاهين ٿا. اهڙي ڪوشش 19 جون 1992 ۾ به ڪئي وئي هئي. پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جا مالڪ ملڪ سان سچا آهن ته اهي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ پهرين لال مسجد جي  مولانا عبدالعزيز جي ڳڻتي ڪن. آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا  ۾ ٿيندڙ سانحي ۾ ٻه پاڪستاني ماريا ويا آهن.جن ۾ هڪ عورت جون  لال  مسجد جي مولانا عبدالعزيز سان تصويرون آمريڪا جي تحقيقاتي ادارن کي ملي چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي ظلم ۽ بي گناھ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪرڻ وارا الله تعالٰي کان معافي گهرن. جيڪڏهن اڄ آمريڪا جو صدر بارڪ اوباما اهو اعتراف ڪري ٿو ته انهن جي ايجنسين غلط رپورٽون ڏنيون هيون. جن جي بنياد تي انهن عراق تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي هئي ۽ برطانيه جا سابق وزير اعظم ٽوني بليئر به اعتراف ڪن ٿا ته انهن عراق تي حملو ڪري غلطي ڪئي هئي. ڇو ته برطانوي ايجنسين انهن کي غلط رپورٽون ڏنيون هيون. سڀاڻي پاڪستان جون طاقتور ڌريون ۽ اقتدار رکندڙ ڌريون به دنيا جي سامهون ڪٿي اهو اعتراف ڪرڻ تي مجبور نه ٿي وڃن ته انهن پنهنجي ملڪ جي ايجنسين جي غلط رپورٽن تي ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد، غدار ۽ ملڪ دشمن بڻائي ڪري پيش ڪيو هو ۽ پوءِ ڪٿي اوهان کي به معافي نه وٺڻي پوي. انهن فرمايو ته مان پاڪستان جو سڄڻ آهيان ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو، مان پاڪستان کي لبرل ۽ پروگريسو ڏسڻ چاهيان ٿو. مان طالبان، القائده، داعش، لشڪر جهنگوي ۽ مذهبي انتها پسندن جو پاڪستان ڏسڻ نه ٿو چاهيان. انهن فرمايو ته اڄ پوري دنيا اهو لکي رهي آهي ته اڄ به فوج ۾ اهڙا عنصر موجود آهن. جيڪي طالبان، القائده ۽ مذهبي انتها پسندن کي سپورٽ ڪن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ مان اها ڳالھھ پوري يقين سان چوان ٿو ته ضرب عضب ڪامياب نه ٿي آهي. ڇو ته جن جي خلاف اها ڪاروائي شروع ٿي هئي اهي سڀ افغانستان ڀڄي ويا آهن. انهن فرمايو ته ٿوري ٿوري ڳالھھ تي ڪراچي جي هڪ هڪ گهر تي ڇاپا به هنيا پيا وڃن. انهن فرمايو ته وزير داخلا چوڌري نثار منهنجي خلاف ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جو ڪوڙو مقدمو قائم ڪيو ۽ ان ۾ محمد انور ۽ افتخار حسين کي به ملزم بڻائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته چوڌري نثار القائده ۽ لال مسجد وارن جا دوست آهن. ان جي ڪري ئي منهنجي خلاف مقدمو قائم ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته چوڌري نثار ۾ جيڪڏهن واقعي اخلاقي جرت آهي ته اصغر خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جن شخصيتن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ حڪم ڏنو آهي اهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪري ڏيکارين. جن ۾ مسلم ليگ ن جا سربراھ به شامل آهن. جيڪڏهن چوڌري نثار ۾ اخلاقي جرت آهي ته اهي بينظير ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڏيکارين. سابق گورنر پنجاب سلمان تاثير جي قاتلن کي سزا ڏيارين، لاهور ۾ منهاج القرآن جي مرڪز ۾ بي گناھ ماڻهن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ وارن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪري ڏيکارين. انهن فرمايو ته منهنجي خلاف قتل جو مقدمو هڪ ڏينهن پوءِ به قائم ڪري سگهجي پيو.پر اليڪشن جي ڏينهن ان جي ڪري ڪيو ويو ته جيئن ان جي ذريعي عوام ۾ مايوسي ڦيلائي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ووٽ بينڪ تي اثر پوي. انهن فرمايو ته دشمنن جي تمام تر سازشي هٿڪنڊن جي باوجود الله تعالٰي ايم ڪيو ايم کي فتح ڏياري. جنهن تي اسان الله سائين جا شڪر گزار آهيون. انهن فوجي حڪام کي چيو ته اسان سان نفرت ختم ڪريو ۽ هٿ ملايو ته جيئن اسان گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. انهن گذريل ڏينهن جيل ۾ ايم ڪيو ايم لائينز ايريا سيڪٽر جي ڪارڪن نديم احمد جي ماورائي عدالت قتل جي واقعي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن ماورائي عدالت قتل ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو اهو سلسلو  نه رڪيو ته  پوءِ احتجاج جو اهڙو سلسلو شروع ٿيندو جنهن کي پوءِ ڪوئي به روڪي نه سگهندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته عوام جون محروميون لڳاتار وڌي رهيون آهن ۽ انهن محرومين جي خاتمي ۽ گڊ گورننس جي لاءِ پوري ملڪ جو مطالبو آهي ته پوري ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن ۽ سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جي خاتمي جي لاءِ شهري علائقن تي ٻڌل صوبو بڻايو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان مهاجرن ئي نه بلڪه ڪراچي ۾ وسندڙ سمورن پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، هزاري وال، ڪشميرين، گلگتي بلتستانين، بوهرين، اسماعيلين ۽ ٻين سمورين برادرين ، قومن ۽ سمورن مذهبي عقيدن جي مڃڻ وارن جو شڪر گذار آهيان جو انهن مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻايو. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي اسان گڏجي ڪري دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان پاڻ ۾ نه وڙهنداسين بلڪه ظالم قوتن سان وڙهنداسين. انهن فرمايو ته مان ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. جو اهي ايم ڪيو ايم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ نڪتا ۽ تمام تر مشڪلاتن جي باوجود ڄميل به رهيا. انهن ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڪارڪنن ۽ عوام جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****


6/16/2024 10:37:05 AM