حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان پولنگ اسٽيشنن تي قبضي ، اليڪشن جي اسٽاف کي يرغمال بڻائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي 17 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 5 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي قبضن، اليڪشن جي اسٽاف کي يرغمال بڻائڻ ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان اسان جي 17 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياسي مينڊيٽ کي چورائڻ جي حقيقي جي دهشت گردن کي کليل آزادي ڏني وئي آهي. ان جي ڪري ئي انهن مختلف علائقن ۾ اسان جي ايجنٽن کي خوفزده ڪيو ۽ اسان جي ووٽرن کي تشدد جو نشانو به بڻايو. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان علاوه قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان حقيقي جي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ اسان جي ئي 17 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن زيادتين ۽ سنگين بي ضابطگين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ حقيقي جي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ فوري طور تي حڪم جاري ڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي مينڊيٽ کي سازشن جي ذريعي چورائڻ جي ڪوششن کي روڪرائين.
*****