Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ هٿياربند دهشت گردن جون دهشت گرديون.


لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ هٿياربند دهشت گردن جون دهشت گرديون.
 Posted on: 12/5/2015
لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ هٿياربند دهشت گردن جون دهشت گرديون.
حقيقي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي حملو ڪيو ۽ تشدد ڪري درجنين ڪارڪنن کي زخمي به ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم.
ڪراچي: 5 ڊسمبر 2015 
                     ڪجھھ هٿيار بند دهشت گردن سرڪاري سرپرستي ۾ لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ دهشت گردي ڪري انهن  پرامن علائقن جو امن تباھ ڪري ڇڏيو ۽ درجنين پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري انهن علائقن جي عوام کي ووٽ وجهڻ کان روڪي به ڇڏيو . تفصيلات جي مطابق ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن پرامن نموني سان شروع ٿي پر لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن پولنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ئي دهشت گردي جو بازار گرم ڪري ڇڏيو. پولنگ جي آغاز کان پوءِ حقيقي دهشت گردن لانڍي  82، 80، 85،86 ۽ 89 جي پولنگ اسٽيشنن مان ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽن کي تشدد ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ گن پوائنٽ تي پنهنجن اميدوارن جي اليڪشن نشان تي ٽپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي طرفان ان دهشت گردي تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ انهن موقعي تي موجود رينجر جي اعلٰي آفيسرن جي توجه بار بار ان طرف به ڪرائي پر انهن شڪايتن جو ڪوئي به نوٽس نه ورتو . ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ان صورتحال تي انتظاميه جي اعلٰي حڪام سان رابطو به ڪيو ويو پر ان جو ڪوئي به نتيجو نه نڪتو. 11 هين وڳي تائين صورت حال ان حد تائين پهچي وئي جو ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ نسرين جليل کي لانڍي پهچڻو پيو. جتي انهن رينجر جي اعلٰي حڪام کي ان صورتحال کان آگاھ ڪيو. رينجر جي حڪام ٻنهي اڳواڻڻ کي خاطري ڪرائي ته ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽن جي فوري طور تي پولنگ اسٽيشنن تي واپسي يقيني بڻائي ويندي. پر ان جي ڪجھھ ئي دير کان پوءِ هٿياربند حقيقي دهشت گردن جي هڪ ٽولي ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي حملو ڪري ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ لانڍي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪيمپن تي حملا به ڪيا . لانڍي ۾ حقيقي دهشت گردن جي دهشت گردين جو سلسلو آخري اطلاعن تائين جاري هو.
*****

6/30/2024 3:23:23 PM