Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري لانڍي جي عوام کي اليڪشن جي عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري لانڍي جي عوام کي اليڪشن جي عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 12/5/2015
حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري لانڍي جي عوام کي اليڪشن جي عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
50 کان وڌيڪ مرد پولنگ ايجنٽن ۽ 20 کان وڌيڪ عورت ايجنٽن کي به پولنگ اسٽيشنن تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. 
لانڍي ۾ اهم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 5 ڊسمبر 2015 
                   قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري جعلي ووٽ وڌا ۽  ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي حملو به ڪيو ۽ 70 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري سخت زخمي به ڪري ڇڏيو.انهن خيالن جو اظهار انهن لانڍي ۾ حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن جي ڪاروائين کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست سينيٽر نسرين جليل ۽ حقيقي جي دهشت گردن جي هٿان زخمي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ حقيقي جا دهشت گرد پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪيون ويٺا رهيا ۽ علائقي جي لکين ماڻهن اهو منظر ڏٺو . انهن چيو ته انهن اسان جي 50 کان وڌيڪ مرد پولنگ ايجنٽن ۽ 20 کان وڌيڪ عورت پولنگ ايجنٽن کي تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو . انهن چيو ته اسان جي هڪ پولنگ ايجنٽ جي اک به ڪڍي وئي آهي،انهن چيو ته انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ اسان جي پولنگ ايجنٽن جي نه هجڻ جي ڪري اتي بوگس ووٽنگ ٿي رهي آهي. انهن چيو ته اسان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي شڪايت به ڪئي پر ڪوبه اسان جي مدد کي نه آيو . انهن چيو ته 25 پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ وٺو ۽ پرزائينڊنگ آفيسرن کان به معلوم ڪريو ته اهي اتي ڇو نه ويٺا ۽ اها صحافين جي به اخلاقي ذميواري آهي ته اهي اها معلومات وٺن. انهن چيو ته قبضي ٿيل پولنگ اسٽيشنون هي آهن ، يوسي 17 جي پولنگ اسٽيشن نيوي اسڪول، يوسي 15 جي پولنگ اسٽيشن بلديه گرلز اسڪول نور منزل، يوسي 16 برائيٽ فيوچر اسڪول، يوسي 16 جي بي ايس ايس سي ون ايريا اسڪول، يوسي 19 ڪي ڊي اي آفيس لانڍي، عارف حسين اسڪول، گورنمينٽ اردو پرائمري اسڪول، الهير گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول، يوسي 15 پريس اسڪول، يوسي 20  بلديه اسڪول 4 ڊي ، يوسي 20 فردوس اسڪول، پرنس اسڪول، گورنمينٽ گرلز اسڪول، يوسي 16 جا ٽي اسڪول، مونو ٽيڪنٽڪ اسڪول، فارڪليد اسڪول، گريزن اڪيڊمي يوسي 17، يوسي 18 باغ اسڪول، يوسي بلديه اسڪول خواجه اجمير نگري، يوسي 19 شاهين اسڪول، يوسي 19 بي 36، گورنمينٽ بوائي سيڪنڊري اسڪول، انصاريه مسجد اسڪول ۽ ٻين پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ورتو آهي.انهن چيو ته اسان صبح کان ئي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي به آگاھ ڪري رهيا آهيون. پر ڪا به شنوائي نه ٿي رهي آهي. انهن چيو ته لانڍي جي صورتحال انتهائي خراب آهي جڏهن ته لانڍي جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي جانبدارانه اليڪشن ڪرايا پيا وڃن ۽ ڪراچي جي تقريبن 30 پولنگ اسٽيشنن تي به اليڪشن منصفانه نه ٿي رهيا آهن. انهن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته اهي لانڍي ۽ ٻين علائقن جي پولنگ اسٽيشنن تي قبضي ۽ ايم ڪيو ايم کي آزادنه طور تي حصو وٺڻ کان روڪڻ جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو به ڪيو وڃي.
*****

7/18/2024 6:41:51 AM