Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي واقعن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي واقعن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 12/6/2015
ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي واقعن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
دهشت گرد مختلف پولنگ اسٽيشنن تي رينجر ۽ پوليس جي سامهون غنڊه گردي ڪري رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 5 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي وڌندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪندي فرمايو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ ووٽنگ جو عمل اڄ صبح پرامن طريقي سان شروع ٿيو هو پر دهشت گردن مختلف پولنگ اسٽيشنن تي رينجر ۽ پوليس جي سامهون غنڊه گردي شروع ڪري ڇڏي. رپورٽن جي مطابق لانڍي جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي ڏوهاري حقيقي دهشت گردن قبضو ڪري ورتو آهي. حقيقي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي پولنگ ايجنٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي انهن کي پولنگ اسٽيشنن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن اتي وڏي تيزي سان جعلي ووٽ وڌا . لائينز ايريا  ۾ به ايم ڪيو ايم جي ووٽرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو ۽ سمورا سرڪاري اهلڪار ان کليل دهشت گردي کي روڪڻ ۾ بي وس نظر اچي رهيا آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان عوام کي واضع طور تي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اڄ پرامن اليڪشن جي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اهو ٽولو به شامل آهي. جيڪو نه صرف لال مسجد جي ملا عبدالعزيز جي مدد ڪري رهيو آهي بلڪه طالبان، داعش ۽ القائده جهڙي دهشت گرد تنظيمن جي به مدد ڪري پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري رهيو آهي. ان جي ڪري محب وطن سول ۽ فوجي قيادت کي گهرجي ته اهي اهڙن ملڪ دشمن عناصرن جي خلاف سخت، ايڪشن وٺن ۽ ملڪ کي انهن دهشت گردن جي Manace کان بچائين.
*****

6/30/2024 3:15:32 PM