آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط.
ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن سان لوهي هٿن سان نڀريو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 3 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط لکيو آهي ۽ انهن فائرنگ جي واقعي ۾ 14 ماڻهن جي هلاڪت ۽ 17 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو آهي. پنهنجي خط ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ۽ منهنجي جماعت ايم ڪيو ايم ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن ۽ آمريڪا جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. انهن فرمايو ته اسان سمجهون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن سان لوهي هٿن سان نڀريو وڃي ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي.
*****