Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ پر امن سياسي جماعت آهي، اسان جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جي معاشري ۾ شخصيت خراب ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم هڪ پر امن سياسي جماعت آهي، اسان جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جي معاشري ۾ شخصيت خراب ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 12/3/2015
ايم ڪيو ايم هڪ پر امن سياسي جماعت آهي، اسان جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جي معاشري ۾ شخصيت خراب ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي. 
ڪراچي: 3 ڊسمبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي مڪاني اليڪشن جي دوران ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس اورنگي ٽائون علي ڳڙھ ڪالوني مان ايم ڪيو ايم پنجابي سرائيڪي آرگنائزنگ ڪميٽي  جي مرڪزي عهديدار فيض سلطان ، پي او سي جي ڪارڪن لياقت ، برنس روڊ کان يونٽ جي عهديدار معراج ۽ ڪارڪن افسر رحمٰن کي  گهرن تان گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اليڪشن سرگرمين ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اليڪشن سرگرمين کان روڪڻ ۽ ڏنڍي جي زور تي ايم ڪيو ايم جو سياسي مينڊيٽ ڇني ڪري من پسند جماعتن کي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪارڪنن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم کي به سياسي مهم هلائڻ جي کليل آزادي ڏني وڃي.
*****

7/18/2024 6:38:59 AM