جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي وفد جي ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت.
ڪراچي: 3 ڊسمبر 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل وفد ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي، ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻيا به شامل هئا. ان موقعي تي انهن متظمين ۽ اهل شيعت جي عالمن سڳورن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي اتحاد بين المسلمين جي اهميت تي زور ڏنو ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن کان به آگاھ ڪيو. ان موقعي تي جلوس جي منتظمين وفد جي آمد تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اتحاد بين المسلمين جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪوششن کي به ساراهيو.
*****