5 ڊسمبر تي عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري ثابت ڪري ڇڏيندا ته الطاف حسين انهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ يوسي 2 ڊفينس ويو ۽ يوسي 6 محمود آباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ڪراچي: 3 ڊسمبر 2015
رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته 5 ڊسمبر تي عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري ثابت ڪري ڇڏيندا ته الطاف حسين انهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو.انهن خيالن جو اظهار انهن ڊفيسن سي ويو يوسي 2 ۽ محمود آباد يوسي 6 ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. شبير احمد قائم خاني چيو ته طالبان جا ٻه سياسي ونگز پاڻ ۾ اتحاد ڪري ڪراچي کي فتح ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن.پر شايد اهي وساري ويٺا آهن ته ڪراچي جي عوام انهن کي اڳ ۾ ئي رڌ ڪري ڇڏيو آهي.ان موقعي تي رئوف صديقي به خطاب ڪيو.
*****