Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عوام 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/3/2015
عوام 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اردو ڳالهائڻ وارن سان تعصب ۽ عصبيت جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو آهي.
سنڌ جي شهري علائقن جي ماڻهن جي لاءِ  الڳ صوبو بڻايو وڃي.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ناظم آباد ۾ هڪ وڏي اجتماع کي خطاب.
لنڊن: 3 ڊسمبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن حق پرستن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سن ڪامياب بڻائين. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اردو ڳالهائڻ وارن سان تعصب ۽ عصبيت جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو آهي. هاڻي سنڌ جي شهري عوام پڪو پھھ ڪري ورتو آهي ته اهي ذلت جي زندگي تي عزت جي موت کي ترجيح ڏيندا ۽ اهي ڪنهن به قيمت تي غلامي جي زندگي کي قبول نه ڪندا.پاڪستان جي مضبوطي ۽ سٺي حڪمراني جي لاءِ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي لاءِ  هڪ الڳ صوبو بڻايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ناظم آباد ۾ هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد، ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن جي مسلمانن جي جاني و مالي قربانين، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ بانيان پاڪستان ۽ انهن جي اولادن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ۽ مهاجرن جي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام جو مختصر احوال به بيان ڪيو. انهن فرمايو ته ناظم آباد تحريڪ پاڪستان جي عظيم اڳواڻ ۽ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ويجهي ساٿي خواجه ناظم الدين جي نالي سان منسوب آهي. جيڪي شهيد ملت خان لياقت علي خان جي شهادت کان پوءِ وزير اعظم بڻيا. خواجه ناظم الدين کي ان طبقي سازش ڪري اقتدار کان محروم ڪرڻ کان پوءِ حڪومت تي قبضو ڪري ورتو هو. جنهن جو پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ ڪوئي به ڪردار نه هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ پاڪ و هند تي قبضو ڪيو ۽ هندستان تي برطانوي راڄ مسلط ٿي ويو ته اتان جي مسلمانن ۽ هندن گڏجي ڪري انگريزن جي غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. مولانا حسرت موهاني، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي جوهر ۽ ٻين مسلم اڪابرن سان گڏو گڏ هندو اڳواڻڻ به قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون. ان وقت هندستان جي ورهاست جو ڪوئي به ذڪر نه هو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح  آل انڊيا ڪانگريس جا ميمبر هئا. جڏهن مسلم اڪابرن ڏٺو ته هندو عددي اڪثريت جي بنياد تي پوري هندستان تي پنهنجي حڪمراني چاهين ٿا ته مسلمانن ۾ به الڳ وطن جي قيام جو خيال پيدا ٿيو. انگريزن هندستان جي عوام کي آزادي جي نالي تي ننڍي کنڊ پاڪ و هند کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. مسلم اڪثريتي صوبن ۾ پاڪستان قائم ڪيو ويو. جتي حڪومت جو انتظام هلائڻ جو ڪوئي به انفراسٽڪچر موجود نه هو. هندستان کان هجرت ڪري پاڪستان اچڻ وارن مهاجر اڪابرن هتي اسڪولَ، ڪاليجَ، بينڪون، انشورنس ڪمپنيون ۽ صنعتون قائم ڪيون ۽ جڏهن پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿي وئي ته مهاجرن کي غير هجڻ ۽ هن  زمين جا پٽ نه هجڻ جا طعنا ڏنا وڃڻ لڳا ۽ چيو ويو ته پاڪستان اسان جو آهي. مهاجرن جو پاڪستان تي ڪوئي به حق نه آهي ۽ اهي انڊيا واپس هليا وڃن. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ئي بانيان پاڪستان ۽ انهن جي اولادن سان تعصب ۽ نفرت جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي. پر اڄ اهو بهتان هنيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تعصب ڦيلايو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1964 ۾ صدارتي اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ صدر ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب سرحد صوبي مان پنهنجن حمايتن کي آڻي ڪري مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا. بي گناھ مهاجرن جو قتل عام ڪرايو ويو. انهن جي ملڪيتن کي باھ ڏيئي ساڙيو ويو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي وقت پاڪستان جا ٻه صوبا اوڀر پاڪستان ۽ اولھھ پاڪستان هئا. 1971 ۾ اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ڪري بنگله ديش بڻجي ويو ۽ باقي  بچيل پاڪستان ۾ چار صوبا پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان بڻيا. هندستان کان هجرت ڪري ايندڙ مهاجر پاڪستان جي چئني صوبن ۾ آباد هئا. پر انهن جي اڪثريت سنڌ ۾ آباد هئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي دور ۾ سوين مهاجر بيوروڪريٽن کي هڪ ئي وقت قلم جي مار ڏيئي ڪري نوڪرين مان ڪڍيو ويو. 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ صرف سنڌ ۾ ڏهن سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙي واري آبادي کي شهري آبادي جي برابر آڻڻ جي لاءِ اهو ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻهراڙي واري آبادي جي زندگي جو معيار به بهتر ٿي سگهي. ان غير منصفانه ڪوٽا سسٽم کي اصولي طور تي 1983 ۾ ختم ٿي وڃڻ گهرجي ها پر اهو اڄ 42 سال گذرڻ جي باوجود به  نافذ آهي ۽ صرف ايم ڪيو ايم کان سواءِ ڪائي به سياسي ۽ مذهبي جماعت ان ڪوٽا سسٽم جي خلاف آواز بلند نه ٿي ڪري. اسان جڏهن انهن ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪريون ٿا ته ان کي لسانيت ۽ تعصب قرار ڏيئي ڪري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وڃي ٿي. انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڇا پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٻهراڙي وارا علائقا نه هئا ؟ پوءِ انهن صوبن ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڇو نه ڪيو ويو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تي بهتان هنيو وڃي ٿو.پر مهاجر آبادين تي هٿيارن سان حملا ۽ مهاجرن جو قتل عام جو ذڪر ڪوئي به نه ٿو ڪري. 14 ڊسمبر 1986 تي مان جيل ۾ قيد هيس، علي ڳڙھ ڪالوني ۽ قصبه ڪالوني ۾ ٽڪرين تان لهي ڪري دهشت گردن مهاجرن کي گجرن ۽ مورين وانگر ڪٽيو. 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ ڪارن ۾ سوار هٿيار بند ڌاڙيلن ڇتي فائرنگ ڪري 200 کان وڌيڪ بي گناھ شهرين کي رت ۾ وينجهاري ڇڏيو. پر مهاجرن جي آبادين تي انهن حملن جو ڪوئي به ذڪر نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته صفورا چورنگي تي اسماعيلي برادري جي بس تي فائرنگ ڪري بي گناھ شهرين کي شهيد ڪيو ويو ۽ خبر پئي ته اهو قتل عام ڪرڻ وارا داعش جا ماڻهو آهن. جيڪي جماعت اسلامي جي اسلامي جميعت طلبه سان تعلق رکن ٿا. اڄ مدرسا قائم ڪري ڪراچي جو چئني طرفن کان گهيراءُ ڪيو ويو آهي. قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان مهاجر اڪثريتي علائقن جو گهيراءُ ڪري گهر گهر تلاشي ورتي وڃي ٿي. ڪجھھ ڏينهن اڳ ئي رينجر اتحاد ٽائون ۾ ڪاروائي ڪئي ته دهشت گردن جي فائرنگ سان چار رينجر وارا شهيد ٿي ويا ۽ تبت سينٽر جي ويجهو ملٽري پوليس جي ٻن اهلڪارن کي به فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو. پر اتحاد ٽائون جو گهيراءُ ڪري قاتل دهشت گردن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ناانصافين جي خاتمي ۽ حقن جي حصول جي لاءِ اي پي ايم ايس او ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم بڻائي ته جيئن اسان ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪري سگهون. سڄي ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام کي تعليم، صحت ۽ نوڪرين  جا هڪ جهڙا موقعا ملي سگهن ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت هئي. جنهن تعليم يافته رڪشي وارن ۽ ڪمند جو رس وڪڻڻ وارن کي اسيمبلين ۾ موڪليو. عورتن ۾ اعتماد پيدا ڪيو. انهن کي مردن جي برابر حق فراهم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي. تبليغ جي ذريعي نوجوانن کي عورتن جي احترام جو درس ڏنو. جنهن جي ڪري عورتون سڀني کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ شرڪت ڪن ٿيون. جناب الطاف حسين مهاجرن جي سياسي استحصال جو ذڪر ڪندي فرمايو ته مهاجرن سان تعصب ۽ عصبيت جو اهو حال آهي ته ايم ڪيو ايم مختلف وقتن ۾ ارباب غلام رحيم، مظفر شاھ، لياقت جتوئي ۽ ڄام صادق سان سنڌ جي گڏيل حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪئي. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي اڪثريت جي باوجود مهاجر وزير اعلٰي قبول نه ڪيو ويو. اسان سنڌ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فضا جي فروغ جي لاءِ پي پي سان اتحاد ڪيو ۽ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ اڍائي سالن جي لاءِ پي پي ۽ اڍائي سالن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو وزير اعلٰي بڻايو وڃي. پر اسان جي ڳالھھ نه مڃي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تعصب ۽ ناانصافين جي ڪري سنڌ ۾ ڪڏهن به مهاجر وزير اعلٰي نه ٿو بڻجي سگهي. هاڻي سنڌ جي عوام اهو پڪو پھھ ڪري ورتو آهي ته اهي ذلت جي زندگي تي عزت جي موت کي ترجيح ڏيندا ۽ ڪنهن به قيمت تي غلامي جي زندگي قبول نه ڪندا. بانيان پاڪستان قيام پاڪستان جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو. جيڪڏهن پنهنجن جائز حقن جي لاءِ انهن جي اولادن کي وڌيڪ قرباني ڏيڻي پئي ته اهي ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي. ان جي ڪري ملڪ جي مضبوطي ۽ سٺي حڪمراني جي لاءِ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا قائم ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جي لاءِ الڳ صوبو بڻايو وڃي ، جتي پٽيوالي کان وٺي ڪري بابو تائين ۽ رينجر ۽ پوليس وارا ۽ بيوروڪريٽ به مقامي هوندا. انهن فرمايو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته الطاف حسين جيڪو چوي ٿو اهو ڪري ٿو. اسان جي صوبي ۾ رهڻ وارن سمورن مذهبن، مسلڪن ۽ قومن جي پنجابين، پختونن، سنڌين، بلوچن، هزاري وال، گلگتي بلتستانين، سرائيڪين ۽ ڪشميرين کي برابري جا حق حاصل هوندا. مذهب ۽ قوميت جي بنياد تي ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو. سڀني کي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي مطابق مسجد، امام بارگاھ، جماعت خاني، چرچ، ٽڪاڻي ۽ گردواري ۾ عبادت ڪرڻ جي مڪمل آزادي هوندي. انهن نوجوانن خصوصن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي قوم ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍي ڪري تحريڪ کي ڏين ۽ پنهنجي فني ۽ تعليمي صلاحيتن کي استعمال ڪندي حق پرستانه فڪر و فلسفي جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جناب الطاف حسين عوام کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي 5 ڊسمبر تي پنهنجو جمهوري حق لازمي طور تي استعمال ڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين. جيڪڏهن امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن اين اي 246 جي ننڍي چونڊ وانگر جرتمندي جو مظاهرو ڪيو ته انشاء الله تعالٰي ڪراچي جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ايم ڪيو ايم جا ئي هوندا. جناب الطاف حسين ناظم آباد ۾ عوامي اجتماع جي انعقاد جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

7/18/2024 6:23:30 AM