Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي وارا بلٽ جو جواب 5 ڊسمبر تي بيلٽ جي ذريعي ڏيندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي


ڪراچي وارا  بلٽ جو جواب 5 ڊسمبر تي بيلٽ جي ذريعي ڏيندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
 Posted on: 12/2/2015
ڪراچي وارا  بلٽ جو جواب 5 ڊسمبر تي بيلٽ جي ذريعي ڏيندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ انهن جماعتن اتحاد ڪيو آهي جيڪي هڪ ٻئي کي برداشت به نه ٿيون ڪن. حيدرعباس رضوي
ناظم آباد نمبر 1 ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب
ڪراچي: 2 ڊسمبر 2015 
ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 5 ڊسمبر جو ڏينهن صرف مڪاني اليڪشن جو ڏينهن نه بلڪه ثابت ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اهو شهر غيرن جو نه بلڪه مهاجرن جو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ناظم آباد نمبر 1 ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي روينيو جو 75 سيڪڙو ۽ سنڌ جي روينيو جو 95 سيڪڙو ڏيئي ٿو. جيڪڏهن ڪراچي جي ڪردار کي ختم ڪيو وڃي ته پاڪستان جو ڪاروبار زندگي مفلوج ٿي وڃي. انهن چيو ته ڪراچي پوري پاڪستان کي هلائي رهيو آهي. انهن چيو ته اڄ منافق نعرن ۽ جهنڊن سان گڏ ووٽ گهرڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن. پر ڪراچي جي عوام انهن کي هميشه رڌ ڪيو آهي ۽ اڄ به رڌ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم اختيارن جي حصول جي لاءِ عدالتن سان رجوع ڪندي. سنڌ جي شهري علائقن تي ٻڌل صوبي جي تشڪيل جي لاءِ روڊن تي نڪرندي ۽ ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ به صوبن جي حامي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ نوجوان کي ميئر بڻايو هو جنهن پنهنجي قائد جي رهنمائي ۾ ڪراچي کي دنيا جي ترقي يافته شهرن ۾ بيهاري ڇڏيو هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن ۾ صرف ايم ڪيو ايم دشمني ۾ اهڙين جماعتن به اتحاد ڪري ورتو آهي جيڪي هڪ ٻئي کي برداشت به نه ٿيون ڪن. حيدرآباد ۾ به 10 جماعتي اتحاد بڻايو ويو هو پر عوام ان نام نهاد اتحاد کي رڌ ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم 2013 جي مڪاني آرڊيننس کي اڳ ۾ ئي رڌ ڪري چڪي آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو وري رڌ ڪري رهي آهي. ڇو ته ان نظام ۾ ميئر کي ڪي به اختيار نه ڏنا ويا آهن.ان موقعي تي سي اي سي جوائنٽ انچارج طارق جاويد خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين روايتن کي ٽوڙيندي اي پي ايم ايس او مان هڪ سياسي جماعت جي بنياد رکي هئي. جيڪا اڄ متحده قومي موومينٽ جي نالي سان مظلومن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خواجه اظهار الحسن چيو ته مڪاني اليڪشن کٽڻ جي لاءِ پوليس سميت سموري سرڪاري مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڪيلي آهي جيڪا بغير ڪنهن رياستي طاقت جي اليڪشن وڙهي رهي آهي. پر جڏهن ته پوري ملڪ ۾ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي.ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر سفيان يوسف، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ارشد وهره ۽ ريحان ظفر به خطاب ڪيو. 


7/18/2024 6:28:38 AM