مڪاني اليڪشن کٽي ڪري ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائينداسين. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
محمود آباد ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ڪراچي: 2 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته مڪاني اليڪشن کان پوءِ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن محمود آباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر خواجه اظهار الحسن، رئوف صديقي ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي اعلان کان پوءِ منافق سياسي جماعتون عوام کي بي وقوف بڻائڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري آيون آهن. پر ڪراچي جا با شعور عوام انهن کي اڳ ۾ ئي رڌ ڪري چڪا آهن ۽ 5 دسمبر تي عوام حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائيندا.
*****