Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو وفاقي حڪومت جي طرفان 40 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي جي سخت مذمت.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو وفاقي حڪومت جي طرفان 40 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي جي سخت مذمت.
 Posted on: 12/2/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو وفاقي حڪومت جي طرفان 40 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي جي سخت مذمت.
ڪراچي: 2 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت جي طرفان ريگوليٽري ڊيوٽي جي مد ۾ کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين سميت روز مره جي استعمال جي 350 شين تي تقريبن 40 ارب روپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  درآمدي جي روز مره جي شين تي ٽيڪس جو سنئون سڌو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو.پنهنجي هڪ بيان  ۾رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي پهرين ئي غريبن جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي آهي پر جڏهن ته حڪومت جي طرفان لڳايل اضافي ٽيڪس جو بار به سنئون سڌو غريبن تي ئي پوندو. انهن وڌيڪ چيو ته روزمره جي استعمال جي شين سميت ٻين ڪيترن ئي شين جي ڊيوٽي ۾ اضافي سان ملڪ جي معيشت کي ته ايترو فائدو نه پهچندو جيترو ان جو اثر غريبن تي پوندو. انهن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ 40 ارب روپين جي محصولات جي ڪمي کي پورو ڪرڻ جو حل اهو نه آهي ته محصولات ۾ اضافو ڪيو وڃي.جيڪڏهن ملڪ جي ڪل آمدني جي ذريعن ۾ اضافو مقصود آهي ته ٽيڪس بيس ۾ اضافي سان گڏو گڏ زرعي آمدني تي به ٽيڪس عائد ڪيو وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار کان مطالبو ڪيو ته اهي 40 ارب روپين جي اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي تي نظر ثاني ڪن. 
*****

7/18/2024 6:23:31 AM